ڪراچي(رپورٽر) موهٽا پيلس کي ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ وارو معامرو، موهٽا گيلري ٽرسٽ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پهرين واري داخل درخواست تي ڌر ٿيڻ ٿا چاهيون، جنهن تي عدالت چيو ته ان بابت پهريون ئي درخواستون داخل ٿيل آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنگل رڪني بينچ اسان جي درخواست رد ڪئي هئي، اسان چاهيون ٿا ته موهٽا پيلس ٽرسٽ وٽ رهڻ ڏني وڃي، سنڌ حڪومت پاران 1991 ۾ ان کي خريد ڪيو هو، ان کان پوءِ سنڌ حڪومت ٽرسٽ ٺاهي ڪري موهٽا پيلس ان جي حوالي ڪري ڇڏي، ٽرسٽ پاران اتي ميوزيم ٺاهيو ويو آهي، جنهن بعد درخواستگذار عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي، عدالت درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.