ڪراچي(رپورٽر) ايف آءِ اي مصطفي’ عامر قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان کان ڪيل جاچ رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، ايف آ۽ اي جي رپورٽ موجب ارمغان جي ليپ ٽاپ مان بين الاقوامي فراڊگروپ جون شاهديون مليون آهن، ارمغان ۽ سندس جي پيءَ ڪامران قريشي فراڊ لاءِ ڪمپني ٺاهي،لاڳاپيل ڪمپني جي سالياني آمدني 3 کان 4 لک آمريڪي ڊالر آهي، فراڊ لا۽ قائم ڪمپني ۾ 25 ايجنٽ ڪم ڪري رهيا آهن، رپورٽ موجب ارمغان پنهنجي نامعلوم جوابدار افنان ذريعي لگزري گاڏيون خريد ڪيون، انهن گاڏين جي قيمت 15 ڪروڙ 40 لک رپيا آهي، ايف آءِ اي ڪميٽي جي ٻئي مالڪ ڪامران قريشي کي جوابدار ناهي ڪيو، ايف آءِ اي نامعلوم جوابدار افنان کي نه جوابدار ٺاهيو نه ئي واري گواهه، جوابدار ارمغان کي ايف آءِ اي پاران اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ياد رهي ته جوابدار ارمغان مني لانڊرنگ ۽ ٻين الزامن جي چئن ڪيسن ۾ رمانڊ تي آهي.