ڪراچي ( رپورٽر ) آرام باغ ٿاڻي جي حد مان 45 ڏينهن اڳ 26 فيبروري تي براني اسپتال جي ٻاهران گم ٿيل 20 سالن جي سرفراز بلوچ جي ڀيڻ حاني بلوچ ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته سرفراز بلوچ کي فوري طور ظاهر ڪيو وڃي ۽ ان سان عام پاڪستاني شهري کي مليل قانوني حق تحت سلوڪ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اسان جي مطالبي کي نظرانداز ڪيو ويو ته اسان پنهنجي آئيني ۽ جمهوري حق تحت احتجاج جو دائرو وڌائڻ تي مجبور ٿينداسين ۽ ان جي نتيجن جي ذميوار اهي قوتون هونديون جيڪي انصاف جا دروازا بند ڪري رهيون آهن، جيستائين سرفراز بلوچ بازياب نه ٿيندوتيستائين خاموش نه ويهنداسين، ان موقعي تي سرفراز بلوچ جي ماءُ گلشن بلوچ ۽ ٻيون عورتون به موجود هيون.