ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ نئين قيادت جو اڀري اچڻ سٺو سنوڻ آهي

سنڌ اندر ورهاڱي کان پوءِ  جيڪي تمام وڏيون تحريڪون نظر آيون آهن انهن مان سنڌوءَ  مٿان نڪرندڙ ڇهن ڪئنالن خلا ف هلندڙ تحريڪ به هڪ آهي جيڪا مزاحمت جي  هڪ شاندار، يادگار ۽ تاريخي تحريڪ ثابت ٿي آهي. ورهاڱي کان پوءِ  سنڌ اندر جيڪي تمام وڏيون تحريڪون  ٿي گذريون آهن انهن مان ون يونٽ مخالف تحريڪ، چار مارچ شاگردن جي تحريڪ، ايم آر ڊي ۽ ڪالا باغ ڊيم مخالف تحريڪ يادگار سمجهيون وينديون آهن. ڪئنالن خلاف موجوده هلندڙ تحريڪ  به انهن تحريڪن جهڙي  تمام وڏي تحريڪ آهي. سنڌ جو ڪو شهر، ڪا شاهراهه، ڪو روڊ،  ڪو ڳوٺ اهڙو ناهي جتي ڪئنالن خلاف ڪا ريلي، ڪو احتجاج ڪو ڌرڻو ڪو مظاهرو نه ٿيندو هجي. مطلب ته سڀ کان وڏيون تحريڪون سنڌ ۽ سنڌو درياهه جي بقا سان ئي منسوب رهيون آهن.

انهن تحريڪن کي سنڌين پنهنجي وجود جي جنگ سمجهيو آهي زندگي ۽ موت جو مسئلو ڀانئيو آهي. سنڌو درياهه ۾ ته خود سنڌ جو جياپو آهي. سنڌ تي نالو ئي سنڌو درياهه ڪري پيو آهي ان ڪري سنڌ ۽ سنڌو درياهه سنڌي قوم لاءِ بيحد جذباتي زندگي ۽ موت جو مسئلو رهيو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌ جو هر ٻچو پوءِ  اهو مرد هجي، عورت هجي، ٻڍو ۽ ٻار هجي، شاگرد هجي، استاد هجي، اديب هجي وڪيل  هجن، ڊاڪٽر هجن، آبادگار هجن يا فنڪار هجن صوفي راڳي هجن اهي اوهان کي  روڊن تي نظر ايندا. مطلب ته هر مڪتبهءَ فڪر جو ماڻهو اوهان کي نظر ايندو. تنهن ڪري ڪئنالن خلاف هيءَ تحريڪ ڪيترن معاملن ۾ اوهان کي منفرد نظر ايندي هاڻي ته شادين ۾ به ڪئنالن نامنظور جا نعرا لڳي رهيا آهن.

سو لڳي ٿو ته اها تحريڪ جئين جئين وڌيندي تئين تئين انفراديت جا اها نوان ريڪارڊ قائم ڪندي رهندي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اڄ ماضي جي ڀيٽ ۾ سياسي شعور تمام گهڻو عوامي ٿي چڪو  آهي.  اڄ جو سياسي ۽ قومي شعور رڳو قوم پرست ۽ سياسي جماعتن تائين محدود ناهي رهيو. ان ۾  به ڪو شڪ ناهي ته عوام اهو سياسي شعور آڻڻ ۾ قوم پرست ۽ سياسي جماعتن جو ئي وڏو حصو رهيو آهي ان سان گڏ سنڌي اديبن ۽ سنڌي ۽ سنڌي ميڊيا جو به سياسي شعور وڌائڻ ۾ تاريخي ۽ يادگار ڪردار رهيو آهي. جنهن جو ثمر اڄ اسين ڏسي به رهيا آهيون ۽ ملهائي به رهيا آهيون.

سنڌ ۾ جڏهن به ڪا ننڍي وڏي تحريڪ هلندي آهي ته اها تحريڪ ساڳي وقت ”ثابت قدمي“ جو امتحان بڻجي به آڏو ايندي آهي.  ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ به ائين ٿي رهيو آهي. ڪي نوان هيرو به نروار ٿيا آهن ته ڪي ثابت قدمي  جي امتحان ۾ فيل به ٿيا آهن. موجوده هلندڙ تحريڪ جو هڪ ٻيو فائدو به وٺي سگهجي ٿو يا ملي رهيو رهيو آهي جنهن ڏانهن ڌيان  ڏيڻ جي ضرورت آهي. عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ان  حوالي سان خاص ڪري اها ڪوشش رهي آهي ته ڪئنالن خلاف هلندڙ هلچل سان جيڪا نئين قيادت اڀري رهي آهي تنهن کي وڌ کان وڌ ان احساس وچان ڪوريج ڏجي ته ممڪن آهي ته ان سان سنڌ کي نئين قيادت يا متبادل ملي سگهي جنهن جي سڀني کي ضرورت آهي.

 ان حوالي سان عوامي آواز اخبار ۾ سينئر صحافي منظور سولنگي جي هڪ رپورٽ سپر ليڊ طور  9 اپريل تي شايع ٿي آهي جنهن ۾ هن نئين اڀريل قيادت جو حوالو ڏنو آهي. ان رپورٽ موجب ڀٽن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدر اطهر عباس سولنگي هن تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي ۽ هڪ بهادر اڳواڻ طور اڀري آيو آهي. گمبٽ ۾ شهري اتحاد جي اڳواڻ نثار ابڙي پاڻي تي ڌاڙي  جي خلاف شهر شهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي جاڳرتا مهم هلائي. نثار ابڙو پنهنجي علائقي جي پيرن، ميرن، وڏيرن،  سيدن،  ۽ ٻين شخصيتن کان وڌيڪ مقبول ٿي منظرعام تي اچي ويو آهي. هالا ۾ آبادگار اڳواڻ عامر بهزاد ۽ شير ڏاهري ڪئنال مخالف تحريڪ ۾ سرگرم ٿي نئين قيادت لاءِ اميدون جاڳائي ڇڏيون آهن.ا آئي هوندي جن کي نشانبر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ڪئنال مخالف هيءَ تحريڪ ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، تعلقن کان ضلعن تائين پکڙيل آهي. انهن سڀني ريلين، احتجاجن ۽ ڌرڻن پٺيان هڪ سگهاري قيادت رهي آهي جنهن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. پر پهريون ڪم اهو آهي ته ان نئين قيادت کي نمايان ڪجي، جيڪو ڪم عوامي آواز ميڊيا گروپ ڪري رهيو آهي. نئين قيادت سان گڏ نون ڪارڪنن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. ڪيترين جڳهن تي سنڌ جي عورتن کي به اسان اڳواڻي ڪندي ريليون ڪڍندي، مظاهرا ڪندي ڌرڻا ڏيندي ۽ خوب صورت نعرا هڻندي ڏٺوسين. نعرن جو ذڪر نڪرندو ته ڪامريڊ منان چانڊيي جي باشعور نياڻي مرڪ منان چانڊيو کي ڪنهن ريت به نظر انداز نه ڪري سگهبو جنهن ڪراچي ۾ ڪئنالن خلاف ٿيل احتجاجن ۾ نعرن لڳائڻ جي اڳواڻي ڪئي سندس نعرا لڳائڻ جو انداز ايڏو مشهور ٿيو آهي جو ان جو اتساهه وٺي ٻيون به ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون ان تحريڪ ۾ نعرن لڳائڻ جي اڳواڻي ڪندي نظر آيون انهن نوجوان ڇوڪرين ڪيترين ريلين ۽ احتجاجن اڳواڻي به ڪئي آهي. سو ان نئين قيادت کي اسان سنڌ جي مستقبل جي تمام وڏي اميد سمجهون ٿا.ضرورت ان صرف ان ڳالهه جي آهي ته کين همٿائجي.پ پ شهيد ڀٽو گروپ، ذوالفقار جونيئر به ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾  نئين قيادت  طور آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.