جهڏو (ن ع آ) جهڏو ۾ جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ پاڻي جي بندش خلاف ٽيل آبادگار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻي ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي بائي پاس کان اسٽيشن روڊ تائين نڪري ڌرڻو هنيو ويو، جتي سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن، اياز کوسو، جليل انڙ، نياز کوسو ۽ ٻيا شامل هئا، هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملدارن گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جمڙائو ڪئنال جي ٽيل بگي مائنر ۾ پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فصل سڙي ويا آهن ۽ پيئڻ جو پاڻي به ناياب ٿي ويو آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آبادگارن جي حصي جو پاڻي منڍ جي زميندارن کي وڪرو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب انسان توڙي جانور پاڻي لاءِ پريشان آهن. هنن سنڌو درياهه مان نون تڪراري ڪئنالن جي تعمير تي به سخت احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪيو وڃي، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال کي هٽايو وڃي ۽ جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ فوري پاڻي فراهم ڪيو وڃي.