پاڻ کي اهو ڏسي حيرت کان وڌيڪ ڳڻتي ٿي رهي آهي ته وفاقي حڪومت جيڪا هن وقت مسلم ليگ (ن) وٽ آهي تنهن کي ٽنهي ننڍن صوبن جي عوام جي بيچيني ۽ احتجاجن جو ڪو احساس ئي ناهي ۽ اها ننڍن صوبن جي احتجاجن کي نظرانداز ڪري نه رڳو پنهنجي حڪومت کي ڪمزور ڪري رهي آهي، وفاق کي تڪراري بڻائي رهي آهي پر ملڪ اندر سياسي استحڪام کي به ڇيهو رسائي رهي آهي جنهن ڏانهن ان کي هنگامي بنيادن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اها به حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته موجوده وفاقي حڪومت جي پنهنجي پوزيشن به سگهاري ناهي. اها پ پ سميت ڪجهه اتحادي جماعتن جي آڌار تي قائم ٿيل آهي. پ پ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت حمايت ڪنهن به سبب ڪري واپس وٺي ته اها وفاقي حڪومت هڪدم پارليامينٽ ۾ اڪثريت کان محروم ٿي ويندي. جمهوريت لاءِ اهو سڀ پ پ ته سوچي ٿي پر وفاقي حڪومت کي انهن سنگين حالتن جو احساس ئي ناهي. مثال طور پ پ جيڪا وفاقي جي سڀ کان وڏي اتحادي آهي تنهن جي مخالفت باوجود مسلم ليگ (ن) سنڌوءَ مان ڇهن ڪئنالن ڪڍڻ تي بضد آهي جنهن ڪري پ پ جي سنڌ اندر سياسي پوزيشن خراب ۽ ڪئنالن جي حوالي سان بيحد مشڪوڪ ٿي وئي آهي.
ڪئنالن جو منصوبو جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب سرڪار جو آهي پر پ پ جيئن ته وفاقي سرڪار جي اتحادي آهي تنهن ڪري سنڌ ۾ اهو تاثر آهي ته پ پ به ڪئنالن جي حمايت ۾ آهي تنهن ڪري سنڌ ۾ پ پ جي خلاف تحريڪ هلي رهي آهي. پ پ کان مطالبو ٿي رهيو آهي ته يا ته اها ڪئنالن جا منصوبا رد ڪرائي يا وفاقي حڪومت مان ٻاهر نڪري اچي.جڏهن ته پ پ جو خيال آهي ته وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ آخري وار هوندو، في الحال وفاقي سرڪار کي موقعو ڏيون ٿا ته اها تڪراري ڪئنالن مان هٿ ڪڍي. انهن منصوبن خلاف سنڌ جو عوام ته سراپا احتجاج آهي ئي آهي پر هاڻي سڄي ملڪ جون وفاقي جماعتون به ڪئنالن جي خلاف آهن. پي ٽي آءِ به ٽيون ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڪئنالن جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي رٿ جمع ڪرائي آهي. سنڌ ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم به ڪئنالن خلاف آهن. انهن احتجاجن جو دٻاءُ سنڌ حڪومت ته محسوس ڪري رهي آهي پر وفاقي حڪومت تي ان جو ڪو اثر ناهي، شايد اها سمجهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ جيستائين ساڻس گڏ آهي تيستائين ڪير به سندس حڪومت جو وار ونگو نه ٿو ڪري سگهي، پر سنڌ ۾ پ پ جي سياسي پوزيشن تمام خراب ٿي چڪي آهي جنهن ڪري اها پريشان آهي. پ پ جي پريشاني جو عالم اهو آهي ته صدر زرداري کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ صدارتي خطاب ۾ اها وضاحت ڪرڻي پئي ته هو صوبن جي رضامندي بنا ڪنهن به ڪئنال جي حمايت نه ڪندو سو وفاقي حڪومت کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي ان مسئلي تي صوبن سان ڳالهائڻ گهرجي. هاڻي ته پ پ جا اڳواڻ واضح طور تي ڪئنالن جي خلاف بيان ڏئي رهيا آهن.
سو اسان جو خيال آهي ته وفاقي حڪومت کي پنهنجي اهم اتحادي جماعت پ پ جي سياسي پوزيشن جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي احتجاج جي روشني ۾ فوري طور تي ڪئنالن جي تڪراري منصوبي جو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جنهن جي صوبي خيبر پختوخواهه ۾ حڪومت آهي سا به وفاقي حڪومت جي سخت مخالف آهي. ان جي حڪومت ۽ پارٽي کي به وفاقي حڪومت کان تمام گهڻيون شڪايتون آهن. پي ٽي آءِ به وفاقي حڪومت خلاف رستن تي اچڻ لاءِ وري تياريون ڪري رهي آهي. ٽئين پاسي بلوچستان آهي جيڪو سڀني صوبن کان وڌيڪ وفاق کان ناراض آهي. بلوچستان ۾ عليحدگي پسند تحريڪ ته پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي سياسي جماعتون ملڪي سيٽ اپ ۾ رهڻ جون قائل آهن تن کي به موجوده وفاقي حڪومت ڪاوڙائي وڌو آهي. خاص ڪري ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاريءَ ٻرنديءَ تي تيل هاري ڇڏيو آهي. ماهه رنگ ۽ ٻين بلوچ عورتن جي گرفتاري انتهائي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. بلوچ عورتن جي گرفتاري خلاف بلوچ اڳواڻ اختر مينگل ٻن هفتن کان ڌرڻو ڏئي ويٺو آهي پر وفاقي حڪومت ان معاملي کي به سنڀالڻ ۾ بظاهر ناڪام نظر اچي رهي آهي تنهن ڪري بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ ذاتي طور تي مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف سان وڃي مليو ۽ کيس بلوچستان جي مسئلي ۾ دلچسپي وٺڻ جي گذارش ڪئي آهي. هوڏانهن اسٽيبلشمينٽ به بلوچستان ڏانهن جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ويٺي آهي جنهن سبب مجموعي طور تي ملڪ جون اندريون حالتون بي چيني جو شڪار آهن.
اسان سمجهون ٿا ته اهي حالتون ڪنهن ريت به وفاقي حڪومت جي پنهنجي حق ۾ به ناهن تنهن ڪري ان کي هنگامي بنياد تي ملڪ جي ٽن صوبن جي بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ ڪا غير معمولي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ نقصان ملڪ، وفاق ۽ جمهوريت جو ٿيندو پر بظاهر وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي ان جو ڪو اونو ناهي. خيبر پختوخواهه ۽ بلوچستان جي صورتحال کي ته ڇڏيو پر ان کي پنهنجي اتحادي پ پ جي به ڪا ڳڻتي ناهي ته جيڪڏهن ان سندس حمايت واپس ورتي ته سندن حڪومت ئي پٽ پئجي ويندي.
اسان سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت جو اهو رويو سفاڪي وارو آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. جمهوري ۽ پارلياماني حڪومت هئڻ ناتي وفاقي حڪومت جو اولين فرض آهي ته اها سڀني صوبن سان ڀائپي وارو رويو اختيار ڪري جنهن سان ئي سياسي ۽ معاشي استحڪام سلهاڙيل آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي غير جمهوري روش برقرار رکي ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي خراب کان خراب ٿيندڙ حالتن جي سنگينيءَ جو احساس ڪرڻو پوندو.