ڪيف (ويب ڊيسڪ) يوڪرين چيو آهي ته سومي شهر تي روسي بيلسٽڪ ميزائل حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪريني اختيارين ٻڌايو ته آچر جي صبح اتر شهر سومي جي مرڪز ۾ 2 روسي بيلسٽڪ ميزائلن جي حملي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي حملي جي مذمت ڪندي روس خلاف سخت عالمي ردعمل جو مطالبو به ڪيو.
You might also like