وڻڪاري مهم: ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٻيلا پوکڻ جي ضرورت\ڊائريڪٽر عزيز سانگي جو ڪير ساٿ ڏيندو؟

جيڪڏهن سُهانجڙي جي وڻڪاري همگير طريقي سان ڪئي وڃي ته اهو موسمي تبديليءَ جي خلاف هڪ وڏو قدم ثابت ٿي سگهي ٿو. هي وڻ زمين جي نمي کي برقرار رکي ٿو، هوا مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري ٿو، ۽ آڪسيجن پيدا ڪري ٿو. ان جا پاڙ زمين کي بند ڪرڻ، پاڻي جذب ڪرڻ ۽ زميني ڪٽاءَ کان بچائڻ لاءِ مددگار آهن.

سوچيو جيڪڏهن سُهانجڙي جا ٻج ٻيلن، ڍنڍن، نالن، روڊن جي ڪنارن، ڳوٺن جي چوطرف، اسڪولن، اسپتالن ۽ شهرن جي خالي جاءِ تي پوکيا وڃن ته ڪيئن اسان جو ماحول بدلجي سگهي ٿو؟ هي وڻ نه رڳو انسانن کي غذا ڏيندو، پر پکين، جانورن، ۽ جيتن جي لاءِ به محفوظ ماحول پيدا ڪندو. هي فطري ايڪو سسٽم جي بحاليءَ جو هڪ سستو، آسان ۽ قدرتي طريقو آهي.

اڄ جي بهار جي موسم، جيڪا نئين زندگيءَ جي شروعات جو نشان آهي، اها سُهانجڙي جي پوک لاءِ بهترين وقت آهي. جيڪڏهن اسين هاڻ هن موسم ۾ سُهانجڙي جا ٻج اڇلي ڇڏيون ته ڪجهه مهينن ۾ اسان جي زمين تي ساوڪ، ڇانو، خوراڪ، دوا ۽ تازگي جي ڀرمار ٿي پوندي.

 ان جي وڻڪاري سان نه رڳو اسان پنهنجي صحت بهتر بڻائي سگهون ٿا، پر ڌرتيءَ کي به صحتمند، سرسبز ۽ خوشحال بڻائي سگهون ٿا. اچو ته گڏجي، هن بهار جي موسم ۾، سُهانجڙي جي وڻڪاري جو عزم ڪريون. اچو ته ٻج اڇليون، وڻ پوکيون، ۽ هڪ ساوڪ ڀريو، صحتمند، ۽ خوشحال سنڌ ۽ ڌرتي جو خواب ساڀيان ڪريون.

اچو ته حڪومتن تي به زور ڀريون ۽ پاڻ به ڪجهه اڳڀرائي ڪريون.سڀني صحافين، سياسي ڪارڪنن، عوامي نمائندن سميت سڀني کي گذارش آھي ته گڏجي ماحوليات جي تحفظ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرين، ان موضوع تي مضمون لکن، حڪومت تي زور ڀرين ته جيئن ٻيلي کاتي جي زمينن تي ٻيلا قائم ڪري سگھجن اسان جي پنھنجي علائقي ۾ ڪوشش آھي ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي اسان ڪميونٽيءَ طرفان ٻيلا پوکيون ۽ توھان به پنھنجن علائقن ۾ ٻيلا پوکڻ شروع ڪريو، اھو ئي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جو ھڪ اظھار آھي

     رياض  پيرزادو/  ڪراچي

سنڌ ڌرتي صدين کان فن ۽ ثقافت جو مرڪز رهي آهي. هتان جي مٽي مان اهڙا ته فنڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي فن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. پر افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته انهن فنڪارن جو هتي ڪو به قدر ناهي. اڪثر آرٽسٽ گمنامي جي زندگي گذارين ٿا، ڪي بيماري سبب ته ڪي وري بيروزگاري جي ڪري  پنهنجي فن کي لڪائڻ تي مجبور آهن. انهن جي فن جو ڪو به قدردان ناهي، ڪو به انهن جي ڏک درد کي ٻڌڻ وارو ناهي.

اهڙو ئي هڪ افسوسناڪ واقعو سنڌ جي نامياري آرٽسٽ، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عزيز سانگي سان به پيش آيو آهي. گذريل ستن سالن کان سندس پنهنجي برادري سان تڪرار هلي رهيو آهي، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به حل ناهي نڪتو..

عزيز سانگي اهڙو فنڪار آهي جنهن پنهنجي فن سان ڪيترن ئي نون اداڪارن کي متعارف ڪرايو ۽ انهن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري ۽ هدايتڪاري جا جوهر ڏيکاري پاڻ مڃايو. پر اڄ اهو ئي فنڪار پنهنجي برادري سان هلندڙ تڪرار سبب روپوشي جي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ ڪو به سندس سار لهڻ وارو ناهي صرف عزيز سانگي جي ڪهاڻي ناهي، سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي فنڪار آهن جيڪي ڏکين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. انهن وٽ فن ته آهي پر ان فن جي ڪا قيمت ناهي. انهن کي ڪو سهائتا ڏيڻ وارو ناهي، ڪو انهن جو آواز ٻڌڻ وارو ناهي.

اسان کي اها ڳالهه سمجھڻ گهرجي ته فن ۽ فنڪار ڪنهن به معاشري جو قيمتي اثاثو هوندا آهن. انهن جي فن سان ئي اسان جي ثقافت زنده رهندي آهي ۽ اسان جي سڃاڻپ قائم رهندي آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجن فنڪارن جو قدر نه ڪنداسين ته پوءِ اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ به ختم ٿي ويندي.

مان ثقافت کاتي جي اختيارين ۽ لاڙڪاڻي جي وس وارن سردارن کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا هن اداڪار ڊائريڪٽر جو قدر ڪيو. سندس تڪرار کي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪريو ۽ کيس باعزت زندگي گذارڻ جو موقعو مُهيا ڪريو. اهو نه صرف عزيز سانگي تي احسان هوندو پر سنڌ جي فن ۽ ثقافت تي به وڏو احسان هوندو

 

ناشاد شوڪت شنباڻي/ ڪوٽڏيجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.