راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 10 جي ڏهين ايڊيشن جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ شاندار نموني ٿي گذري.
تقريب جي شروعات قومي تراني سان ڪئي وئي، ان کانپوءِ پي ايس ايل 10 جي ٽرافي اسٽيچ تي آندي وئي.
تقريب ۾ ليجنڊري عابده پروين صوفياڻو ڪلام پيش ڪيو ۽ مشهور گلوڪار علي ظفر پنهنجي شاندار پرفارمنس سان شوقينن جون دليون کٽي ورتيون.
گلوڪاره نتاشا بيگ، علي ظفر، ابرارالحق ۽ طلحه انجم گڏجي پي ايس ايل 10 جو ترانو ڳايو. جڏهن ته ”ينگ اسٽنرز“ پڻ پنهنجي شاندار پرفارمنس سان شرڪت ڪندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
افتتاحي تقريب جي آخر ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو.
پي ايس ايل 10 جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب، اسٽيڊيم ” پاڪستان زنده آباد “ جي نعرن سان گونجي اُٿيو
You might also like