سنڌ جي وڪيلن پاران ڪئنال منصوبي خلاف ملڪ گير تحريڪ جو چتاءُ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي ميزباني هيٺ ٿيل آل پاڪستان وڪلاءَ ڪنوينشن ۾ وڪيل اڳواڻن تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف ملڪ گير تحريڪ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
ڪنوينشن دوران خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڪئنالن جو مسئلو صرف سنڌ جو نه پر سڄي ملڪ جو آهي، پاڻي جي ورهاست تي زيادتين خلاف خاموش نه ويهنداسين.
هنن چيو ته ماضي ۾ به وڪيلن آمرن خلاف تاريخي تحريڪون هلايون، هاڻ به جيڪڏهن ضرورت پئي ته پاڻيءَ جي مسئلي تي ڀرپور ۽ فيصلائتي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.