ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ سوڪهڙي واري صورتحال سبب مهمان پکين جي آمد به گهٽجي وئي،
جهنگلي جيوت کاتي جي سروي رپورٽ موجب، پاڻي کوٽ سبب هن سال هڪ لک جي لڳ ڀڳ مهمان پکي گهٽ آيا.
رپورٽ موجب، گذريل سال 6 لک 39 هزار مهمان پکي سنڌ آيا هئا، سنڌ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ جي ٽيم جنوري ۽ فيبروري 2025ع جي مهينن ۾ ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ ۽ نريڙي سميت لڳ ڀڳ 30 هنڌن جو سروي ڪيو ويو.
سروي موجب، سنڌ جي مختلف ڍنڍن تي آبي پکين جو مجموعي انگ 5 لک 45 رڪارڊ ٿيو، هن سال مهمان پکين جي روايتي ٺڪاڻن رن آف ڪڇ وائلڊ لائيف سينڪ چوري جي علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ سوڪهڙو نظر آيو.
You might also like