حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ جي ڊاڪٽرن عملي طور جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ سيوِ سنڌو ڊاڪٽرس فورم جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ماهر نصير ميمڻ، جامي چانڊيو، بخشل ٿلهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ڪنوينشن دوران ڊاڪٽرن تڪراري ڪئنال جي منصوبي کي رد ڪندي روڊن تي احتجاج جو اعلان ڪيو.
هنن چيو ته سنڌ جو جياپو سنڌو درياهه سان سلهاڙيل آهي، جڏهن ته درياهه مان نئون ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ساهه جي رڳ ڪٽڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.