ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سرڳواسي اداڪار اوم پوريءَ جي پهرين گهرواري سيما ڪپور اداڪار کان ڌار ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ ڊجيٽل انٽرويوءَ دوران هدايتڪار سيما ڪپور پنهنجي اڳوڻي مڙس اوم پوريءَ سان عليحدگي بابت ڳالهائيندي چيو ته سندس شادي ان وقت ٽٽي جڏهن کيس پتو پيو ته هن جي مڙس جا ننديتا نالي عورت سان ناجائز لاڳاپا آهن.
هن ٻڌايو ته فلم ”سٽي آف جواءِ“ جي شوٽنگ دوران سندن رشتي ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ هوءَ ان وقت ڳورهاري هئي.
سيما ڪپور جو چوڻ هوته سندس سٺي ساهيڙي رينوءَ کي اوم پوري جي افيئر بابت خبر پئي، پر سڀني اِهو سوچي نه ٻڌايو ته اِهو ايڏو مسئلو نه آهي ۽ هو شوٽنگ کانپوءِ معمول جي زندگيءَ ڏانهن موٽ کائيندو، پر ائين نه ٿيو، ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي ۽ بدقسمتيءَ سان ٻار به ضائع ٿي ويو.
هن وڌيڪ چيو ته اوم پوري هڪ سيڪريٽريءَ ذريعي 25 هزار معاوضي طور موڪليا، پر مون اِهو معاوضو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سيما ڪپور ۽ اوپم پوري جي شادي 1990ع ۾ ٿي هئي جيڪا رڳو اٺن مهينن تائين قائم رهي، جنهن کانپوءِ اوم پوري صحافي ننديتا پوري سان شادي ڪئي، اداڪار دل جي دوري وگهي 66 ورهين جي ڄمار ۾ 2017 ۾ ديهانت ڪيو.
Prev Post
You might also like