پيپلزپارٽي اڳواڻ تاج حيدر جي جنازي نماز بعد ڪراچي ۾ تدفين

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ تاج حيدر جي جنازي نماز اربع ڏينهن ڊيفنس فيز 4 ۾ يثرب مسجد ۾ ادا ڪئيوئي. جنهن ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سنڌ سيد قائم علي شاھ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ناصر حسين شاهه، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه، ڪراچي ڪمشنر حسن نقوي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. بعد ۾، تاج حيدر کي عبدالله شاهه غازي جي مقبري جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي سينئر اڳواڻ تاج حيدر جي وفات تي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي هدايت پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئي هئي، سوڳ جي عرصي دوران پيپلز پارٽي جون سڀئي سياسي سرگرميون معطل رهنديون. ان دوران، مرحوم تاج حيدر جي جنازي جي موقعي تي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مرحوم نظرياتي سياست جو علمبردار ۽ جمهوريت جو سچو سپاهي هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي چونڊ شفافيت ۽ سماجي انصاف لاءِ بيحد جدوجهد ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مرحوم تاج حيدر جون خدمتون پيپلز پارٽي جي هر ڪارڪن لاءِ مشعل راهه آهن. جن جي خدمتن کي هڪ سوچيندڙ سياستدان، ليکڪ ۽ دانشور جي حيثيت سان هميشه ياد رکيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته مرحوم تاج حيدر پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هميشه عوام جي حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ آواز بلند ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير اهو به چيو ته تاج حيدر جو موت ملڪ جي سياست ۾ هڪ سنجيده ۽ باوقار باب جو خاتمو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان چيو ته گذريل رات سيد مراد علي شاهه پاڻ اسپتال ويو ۽ سينيٽر تاج حيدر جي مڙهه کي اتان منتقل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.