حيدرآباد / هوسٽن (رپورٽر/ پ ر) سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ سنڌين جي احتجاجي گڏجاڻي ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن وقت سڄي سنڌ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهي رهي آهي، سنڌو درياهه سنڌ جو نه صرف تاريخي تهذيب و تمدن جو ورثو آهي پر سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي ان کي ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين، اسان ڇهه ڪروڙ انسان پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي حفاظت ڪنداسين، پ پ قومي اسمبلي ۾ ڪينال اشو تي بحث ڪيوآهي پر سندن گفتگو ۽ سياسي عمل ۾ غير سنجيدگي نظر آئي، ڪجھه ايم اين ايز احتجاج ڪندڙن تي ٺٺول ڪري رياست وٽ پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو قابل مذمت آهي، قرارداد آڻڻ لاءِ ڪابه حڪمت ۽ سنجيدگي نظر نه آئي، ٻين اپوزيشن پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي مسودو ايڪسچينج ڪري گڏيل مشوري سان قرارداد آڻي سگهبي آهي ته جيئن پارليامينٽ ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي يو آءِ فضل رحمان پي ٽي آءِ بلوچ ۽ پشتون قومپرست پارٽين جي موقف کان سنڌ کي آگاهي ملي سگهي ها، پ پ پ جيڪڏهن وقت موقعي پرستي ته سندس سياست سنڌ ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي ويندي، قادر مگسي چيو ته ملڪ جي واڳ ڌڻين جيڪڏهن اڃان به سنڌ جي احتجاج کان ڪن لاٽار ڪئي ته ان جو ملڪ جو نقصان ٿيندو. سنڌ پرامن انسانن جي ڌرتي آهي اسان پرامن سياسي جدوجھد سان ماضي ۾ آمرن کي شڪست ڏني هاڻي به انهن کي شڪست ڏئي سنڌ کي سوڀارو ڪنداسين، ان موقعي تي ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا ويا.