راڻي پور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر ) راڻي پور جي عدالت ۾ نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ خان جتوئي راڻيپور جي عدالت ۾ پيش پيو، جنھن مٿان ھنڱورجا ٿاڻي تي روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر جو ڪيس داخل ٿيل آھي. ڪراچي بار جي صدر عام ڊوگر مٿان ٿيل حملي جي ڪارڻ وڪيلن جي احتجاج سبب ڪورٽ ۾ ڪاروائي ھلي نه سگھي. جنھن جيڪري ٻيھر وري 23 اپريل تي ڪورٽ سڳوري پيش ٿيندو. جنھن بعد مرتضي خان جتوئيءَ عدالت ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ڪئنالن جي منٽس تي صحي ڪندڙ ھاڻي ٿا چون ته اسان کي خبر ناھي اگر اوھان جي ٺھراءُ کي اھميت نٿي ملي ته اوھان اقتدار ڇڏي ڏيو، ھاڻي مورو ۾ ھزار گز جي پلاٽ تي قبضي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڊڄڻ ڀڃڻ وارو ناھيان، ھن اھو پڻ چيو ته مورو جي اڌ کان مٿي اسان جي خانداني پراپرٽي آھي. مون مٿان داخل ڪوڙا ڪيسن جو فيصلو مون سنڌ جي عوام تي ڇڏيو آھي. ڪورٽ مان پر اميد آھيان انصاف ضرور ملندو.