اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستاني عوام جي پيرن هيٺان وسيع معدني ذخيرا، هٿن ۾ مهارت ۽ شفاف معدني پاليسي هوندي مايوسي ۽ بي عملي جي ڪا گنجائش ناهي، يقين آهي ته پاڪستان عالمي معدني معيشت ۾ هڪ اڳواڻ جي طور تي اڀرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان جي ميزباني هيٺ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم جي شروعات اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿي، فورم ۾ آمريڪا جي اعليٰ سطحي وفد کانسواءِ ٻين پرڏيهي نمائندن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم 2025 کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته اسان عالمي ادارن کي ڀليڪار چئون ٿا ته هو پنهنجي مهارت سان پاڪستان کي روشناس ڪرائين، سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين ۽ وسيلن جي وسيع صلاحيت جي ترقي ۾ اسان سان ڀائيواري ڪن. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ موجود معدني دولت حاصل ڪرڻ لاءِ انجنيئر، ارضيات جا ماهر ۽ ماهر کاڻ کوٽيندڙ گهربل آهن ۽ ان لاءِ اسان هن شعبي جي ترقي لاءِ شاگردن کي پرڏيهه تربيت لاءِ موڪلي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته هن وقت بلوچستان جا 27 پاڪستاني شاگرد، زيمبيا ۽ ارجنٽينا ۾ منرل ايڪسپلوريشن ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستاني فوج پنهنجي ڀائيوارن ۽ سيڙپڪارن جي مفادن ۽ اعتماد جي تحفظ لاءِ مضبوط سڪيورٽي فريم ورڪ ۽ فعال اپائن کي يقيني بڻائيندي. آرمي چيف چيو ته اسان پاڪستاني هڪ آواز ٿي ڀائيوارن ۽ سيڙپڪارن کي يقين ڏياريون ٿا ته ڪاروبار ۽ معدني دولت مان فائدو وٺڻ لاءِ اوهان جي مهارت مان فائدو وٺڻ اسان جي اجتماعي قومي خواهش آهي، اوهان پاڪستان تي پراعتماد پارٽنر جي طور تي ڀروسو ڪري سگهو ٿا. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف اهو به چيو ته هو بلوچ قبائلي اڳواڻن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪري ٿو جن کاڻ کوٽڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ اڳڀرائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان وٽ کربين ڊالرن جا معدني ذخيرا آهن جن کي ڪڍڻ سان پاڪستان قرضن جي بار مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪئي، هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي تي اڳڀرائي ٿي جيڪا سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڪوئلي جي ذخيرن کي توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو، پاڪستان، خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ زرخيز زمين آهي. هن چيو ته بلوچستان جي جبلن ۾ معدنيات جا ذخيرا آهن، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ معدنيات جا ذخيرا آهن، اهي ذخيرا کربين ڊالرن جا آهن. هن چيو ته مان آمريڪا، چين ۽ يورپ سميت سڀني ملڪن جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، عالمي سيڙپڪاري لاءِ فائديمند هوندو ته هو هتان ڪچو مال ٻاهر کڻي وڃن. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ انهن کاڻين تي سيڙپڪاري لاءِ اوهان کي ڀليڪار چيو ويندو، سيڙپڪارن کي گڏيل منصوبن ۾ به ڀليڪار چيو ويندو.