صدر زرداري سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو آهي: عمر ايوب

راولپنڊي(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب صدر آصف زرداري تي سنڌ جو پاڻي وڪڻڻ جو الزام لڳايو. جڏهن عمر ايوب، عامر ڊوگر، زرتاج گل ۽ ٻيا اڳواڻ اڊيالا جيل پهتا ته انهن کي گورک پور چيڪ پوائنٽ تي روڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني جي خاندان نامزد ڪيل ماڻهن کي ملڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. مخالف ڌر جي اڳواڻ الزام لڳايو ته صدر آصف زرداري سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪيو آهي. هن چيو ته جيستائين صوبن جي حقن جو تحفظ نه ٿيندو، امن نٿو اچي سگهي. پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو بحران آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.