سنڌ تڪراري ڪئنالن تي وفاق سان ڳالهيون نه ڪندي:ڄام خان شورو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سنڌ تڪراري ڪئنالن بابت وفاق سان ڪا به ڳالھه نهڪندي، وفاق کي تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو. هن چيو ته ڪاظم پيرزادو کي ڄاڻ هجڻ گھرجي ته ايڪنڪ 7 فيبروري 2024 تي ڪئنالن وارو ڪيس سي سي آءِ (C.C.I) ڏانهن موڪلي چڪي آهي. ڄام خان شورو، پنجاب جي آبپاشي واري وزير ڪاظم پيرزادو جي بيان تي ردعمل ڏيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت به جون 2024 کان سي سي آءِ ۾ وڃي چڪي آهي،جڏهن ته پنجاب  ڪئنالن بابت ڪيس تي سي سي آءِ ۾ جواب داخل نه پيو ڪرائي. هن چيو ته اهو ثابت ٿو ٿئي ته پنجاب سي سي آءِ مان ڀڄڻ جا مسلسل بهانا ڳولي رهيو آهي،هن چيو ته صدر مملڪت ڪئنالن جي ڪا به منظوري ناهي ڏني، پنجاب جا وزير مسلسل ڪوڙا بيان ڏئي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.