عوامي ورڪرز پارٽي جي ميرپورخاص ۾ مشعل بردار ريلي

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) عوامي ورڪرز پارٽي ميرپورخاص پاران  شملا بئڪري کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين مشعل بردارريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ”ڪينال نامنظور“ ۽ ”دريا تي ڌاڙو نامنظور“ جا زوردار نعرا ھڻندا رھيا، جيڪي سموري ريليءَ دوران گونجندا رهيا. ريلي جو اختتام قومي گيتن ۽ مزاحمتي شاعريءَ سان پريس ڪلب ميرپورخاص تي ڪيو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن علي حسن لغاري، ذوالفقار شر، مشتاق لغاري، يوسف رند، علي رضا لغاري ۽ ٻين چيو ته  سنڌو سنڌين جي شھ رڳ آهي ان خلاف ڪنهن به قسم جي سازش ناقابل قبول آهي ريلي جي آخر ۾ مقامي فنڪارن دريا سنڌ ۽ ڌرتي خاطر انقلابي گيت ۽ مزاحمتي شاعريءَ پڙھي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.