ڪڪڙ/دادو(نمائندا) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ قافلي جي صورت ۾ ڳوٺ مرزو جمالي پھچي شھيدذوالفقار علي ڀٽو جو ويجھو ساٿي شھيد ڀٽو اڳواڻ دادو ضلعي جو جھونو سياستدان الحاج عبدالنبي جمالي جي وارثن ڪامريڊ بخشل خان ، رئيس حاجن جمالي ، ايڊوڪيٽ نورنبي شاھنواز سان تعزيت ڪندي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته اسان سياسي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آھي سنڌو دريا اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي سنڌ جي پاڻي تي ڪنھن به صورت ۾ ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته دريا بچائڻ لا هر قسم جي قرباني ڏيڻ لا تيار آهيون اسان سرن سان ڪفن ٻڌي چڪا آهيون اسين سنڌي عوام سان گڏ آھيون وفاق فورن ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي، ان موقعي تي عنايت عمراڻي ، غلام نبي جمالي ، افضل علي ،سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا