جن وٽ ڪتو به ناهي اهي ڪئنالن تي اُٿيا آهن:خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر)پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پ پ جو موقف واضح آهي ته ڪئنالن واري مسئلي کي 1991ع واري ٺاهه تحت ڏسڻ گهرجي،هاڻي ته پنجاب مان به ڪئنالن خلاف آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن ته اسان جي حصي جو پاڻي ڪٽي چولستان کي ڏنو ويندو،سکر ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ وفاق کي بچائڻ چاهي ٿي،پاڻي جو مسئلو تمام اهم آهي،اسان چاهيون ٿا ته هر ماڻهو کي پاڻي ملي،جهڙي حساب سان آبادي وڌي پئي ڇا ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملي سگهندو؟ هن چيو ته 91ع جو ٺاهه 114 ايم اي ايف پاڻي موجودگي تي ٺاهيو ويو هو،اڄ اهو پاڻي گهٽ ٿي 91 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويو آهي،20 ايم اي ايف پاڻي گهٽ ٿيڻ سان اثر ته پوندو،عظميٰ بخاري کي گهرجي ته 91ع جو ٺاهه پڙهي وٺي،هن چيو ته پي ٽي آءِ ڀلي ڪئنالن خلاف پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري،ڪئنال اشو تي پ پ خلاف نعرن جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايوب خان جي زماني ۾ سياست ٿيندي هئي هاڻي مئل ماڻهو اٿيا آهن جن وٽ ڪتو به ناهي ڪتي به ناهي،اسان رڳو پاڪستان جي ڳالهه ڪندا آهيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.