موسمياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي آهي\آبادگار بورڊ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ, سنڌ آبادگار بورڊ ڪينالن خلاف احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪندي موسمياتي تبديلين ۽ پيداواري خرچن ۾ واڌ سبب گذريل ٻن ڏھاڪن جي ڀيٽ ۾ سال 2024.25 دوران زرعي جنسن جي پيداوار  وڏي پيماني تي گھٽجڻ جو انڪشاف ڪيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس حيدرآباد ۾ محمود نواز شاھه جي صدارت ھيٺ ٿيو. جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد طاھا ميمڻ، محمد ملوڪ نظاماڻي، احسن ارباب، يار محمد لغاري، مصطفيٰ نواز شاهه، عديل قاضي، سرمد نظاماڻي، مراد علي شاهه بُڪيرائي، علي مردان شاھه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته زراعت جي ڪارڪردگي جيتري ھاڻوڪي مالي سال 2024.25 ۾ خراب ٿي آھي ايتري گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ڪڏھن نه ٿي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال ڦٽين، مڪئي، چانورن، ڪمند ۽ خاص طور تي ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيندي. پاڪستان جي محدود درياهن تي اڳ موجود ڪينالن کان علاوه وڌيڪ ڪو به ڪينال قابل قبول نه آھي.03

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.