سوشل ميڊيا عمران خان لاءِ ٺاهيل سازگار ماحول وري بگاڙي ڇڏيو؟

اسلام آباد(جاويد چوڌري)پاڪستاني آمريڪي شهري ڊاڪٽر عاطف،ڊاڪٽر تنوير ۽ سردار سميع عمران خان جي آزادي لاءِ سرگرم آهن ۽ انهن آرمي چيف آفيس سان رابطو ڪري چيو ته جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪرڻي آهي جتان جواب آيو ته آرمي چيف سياسي ملاقاتون نه ڪندو آهي،عمران خان جي آزادي جي سلسلي ۾ توهان ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملو،جنهن بعد انهن آءِ ايس آءِ سربراهه سان ملاقات ڪئي،ان وفد ۾ موجود هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته معاملا طئي ٿي رهيا هئا،اميد هئي ته ڊيل ٿي ويندي،سردار سميع ۽ تنوير احمد سان گڏ 3 ڊاڪٽر عثمان ملڪ،ڊاڪٽر منير خان،ڊاڪٽر سائره بلال به آيا هئا جيڪي پي ٽي آءِ جا جوشيلا حامي آهن جن آمريڪا ۾ عمران خان لاءِ وڏي مهم هلائي هئي،ان ملاقات ۾ پي ٽي آءِ حامي آمريڪي شهرين اسٽيبلشمينٽ کي چيو ته توهان هائبرڊ حڪومت ٺاهي رکي آهي پر اها ڪم نه ڪري سگهندي،عمران خان سان معاملا طئي ڪريو ته پاڪستان ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو،اسٽيبلشمينٽ پاران کين جواب مليو ته توهان عمران خان لاءِ آمريڪا ۾ وڏي مهم هلائي،ٽرمپ جي وڏي حمايت ڪئي، پر ان جو توهان کي ڪو فائدو نه مليو،ٽرمپ هاڻي توهان جا فون نٿو ٻڌي،توهان جو ولسن سان گڏجي آرمي چيف خلاف پابندي جو بل آندو اهو به ڪم نه آيو،ڀلي ڪهڙي به مقبول شخصيت هجي پر سفارتي لاڳاپن ۾ ملڪ اهم هوندا آهن،توهان عمران خان کي سمجهايو ته سياست جي مرڪزي ڌاري ۾ رهي،ٻنهي طرفن کان شڪايتون ميارون ڏنيون ويون،ان کانپوءِ اهو وفد پاڪستان ۾ ئي موجود هو ته پي ٽي آءِ جي ٻاهرين ملڪ ۽ اندرين ملڪ ويٺل سوشل ميڊيا ٽيم ايترو ته ڪهرام برپا ڪيو ته ڏسو”ساڊي گل هوگئي هي“اسٽيبلشمينٽ ڍير ٿي وئي آهي،عيد کانپوءِ عمران خان آزاد ٿي ويندو،جو ولسن جي بل جي ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جون ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن، جڏهن ته گڏوگڏ پاڪستان آيل آمريڪين جي ڪردار ڪشي شروع ڪئي وئي جنهن بعد عمران خان جي آزادي لاءِ آيل پاڪستان ڄاول آمريڪي ڊاڪٽر بيوس ٿي ويا،ٻاهرين ملڪ ويٺل يوٽيوبرن عمران خان جو ڪم وري بگاڙي ڇڏيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 07 اپريل 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.