ملڪ ۾ ڏڪار جھڙي صورتحال کي ڪئين منھن ڏجي ؟

اسان وٽ سياست حاوي ھجڻ ڪري ڪڏھن بھ ٻين اھم معاملن ڏانھن ڌيان نھ ڏنو ويو آھي.ڪجھھ وقت کان تڪراري ڪينالن ۽ ملڪ کي سرسبز ڪرڻ واري رٿا بعد شروع ٿيل احتجاج دوران ھن وقت جڏھن پاڻي جھڙي اھم موضوع تي بحث شروع ٿي ويا آھن،تڏھن ملڪ ۾ پاڻي جي نگراني ڪندڙ ادارن توڻي موسميات کاتي وارن خبردار ڪيو آھي تھ ملڪ سخت خشڪي سالي جي گھيري ۾ اچي ويو آھي.

 انڊس رور سسٽم اٿارٽي  جي ايڊوئيزري ڪميٽي اپريل ۾ 43 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو اندازو لڳايو آهي. اٿارٽي پاڻي جي کوٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هر مهيني نگراني ڪندي آھي. ايتري وڏي مقدار ۾ پاڻي جي کوٽ  کانپوءَ ڪينالن جي وهڪري کي صرف پيئڻ جي پاڻي جي ضرورتن تائين محدود ڪري ڇڏيندي، جنهن سان زرعي زمينون وڏي پئماني تي متاثر ٿينديون.

مارچ جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان جي موسمياتي کاتي ڏڪار جي وارننگ  جاري ڪئي.جنھن ۾برسات جي صورتحال بابت ڄاڻايو ويو ھو تھ ملڪ ۾ معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ برسات پئي آھي.جنھن دوران ب سنڌ سڀ کان وڌيڪ سوڪھڙي جو شڪار ٿيندڙ صوبو رهيو، جتي معمول کان 62 سيڪڙو گهٽ برسات وٺي آھي. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پهرين سيپٽمبر 2024 ۽ 21 مارچ 2025 جي وچ ۾ ترتيب وار معمول کان 38 سيڪڙو ۽ 52 سيڪڙو گهٽ برسات پئي.موسميات کاتي  اھو بھ ڄاڻايو تھ سنڌو ۽ جهلم دريائن جي ڪيچمينٽ علائقن ۾ برفباري پڻ بنھھ گهٽ رهي. عام طور تي اھا 49.7 انچ ٿيندي آھي. جيڪا ھن ڀيري 26.8 انچ  پئي آھي. گذريل سال جي آخري چئن مهينن ۽ هن سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ معمول کان تمام گهٽ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آھي.جنھن ڪري ھر ھنڌ ڏڪار جو خطرو وڌي رھيو آھي.

ارسا  اختيارين موجب  ملڪ جي دريائي نظام ۾هن وقت 40 سيڪڙو کان وڌيڪ  کوٽ آھي ۽ اپريل ۾ پاڻي صرف پيئڻ جي مقصدن لاءِ ورهايو ويندو، جڏهن ته مئي جي شروعات ۾ صورتحال جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو ۽ خريف جي فصل لاءِ پاڻي جي ورڇ بابت پاڻي بابت ان بعد فيصلو ڪيو ويندو.

پاڻي جا ماهر ان تي متفق آهن ته پاڻي جي انتظام جو مسئلو پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ کان وڌيڪ اهم آھي. ھو ان خيال جا آھن تھ پاڻي جي کوٽ ايتري شديد ناهي جيتري ان جي خراب انتظام جي ڪري محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ ان جو سڀ کان وڏو سبب 250 سال پراڻو دريائي ۽ ڪينال سسٽم آهي، جيڪو موسمياتي تبديلي سان مطابقت نٿو رکي ۽ جڏهن برسات گهٽجي ٿي ته اسان کي ان جي شدت گهڻي محسوس ٿئي ٿي. موسميات جي ماھرن جو چوڻ آھي تھ ماحولياتي ڦيرڦار سبب هاڻي يا ته گهٽ برسات پوي ٿي يا وري ايتري وڌيڪ برسات پوي ٿي جو ٻوڏ اچي ٿي وڃي.ماھرن موجب اسان جو نظام ختم ٿي چڪو آهي، تنهنڪري جڏهن ٽن مهينن تائين مينهن نه پوندو آهي ته خشڪ سالي ٿيندي آهي ۽ جڏهن تيز مينهن پوندو آهي ته ٻوڏ ايندي آهي، جنهن جي ڪري اسان جو پاڻي جو نظام ٻنهي صورتن ۾ دٻاءُ هيٺ هوندو آهي.

هي ڪو اھڙو معاملو نھ آھي جيڪو جلد ختم ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ايندڙ ٽه ماهي لاءِ موسمي صورتحال پڻ اطمينان بخش نه آهي. اپريل ۾ معمول کان گهٽ برسات، وڌندڙ گرمي پد سان گڏ، مٽي ۾ گھم جي صورت ۾ موجود پاڻي بھ سڪي ويندو. حالتون گرمي جي لهر جي امڪان جي نشاندهي ڪري رهيون آهن، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي ميداني علائقن ۾ ان جو وڏو اثر پوڻو آھي.

 سنڌ ۾ خريف جي پوک جلد شروع ٿئي ٿي ۽ اپريل جي پهرين هفتي ۾ پاڻي جي گهرج 40 ھزار ڪيوسڪ تائين پهچي ٿي، جڏهن ته وهڪرو 20ھزار ڪيوسڪ کان بھ گهٽ آهي ۽ اپريل جي وچ تائين صورتحال بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾  ڪپهه، ڪمند، ڪيلي۽ ڀاڄين جي پيداوار شديد متاثر ٿيندي.جنھن جو مجموعي اثر سنڌ جي معيشت تي پوندو. عالمي بينڪ جي هڪ رپورٽ موجب گليشيئرز جي تيزي سان رجڻ  جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌو درياءَ جي بيسن ۾ پاڻي جو وهڪرو 30 کان 40 سيڪڙو گهٽجڻ جو امڪان آهي.

ملڪ  ۾ پاڻي جي کوٽ جي موجوده صورتحال ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ خشڪ سالي کي ختم ڪرڻ جي حل بابت لاڳاپيل ادارن وٽ ڪو به حل ناهي اھي ان کي هڪ قدرتي آفت قرار ڏين ٿا. ڪجھھ ماھر ان جو هڪ حل پاڻي جي اسٽوريج سسٽم(ذخيري) کي سمجھن ٿا،جنهن ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ شامل آهن.ھڪ ماھر موجب ان جو واحد حل گهٽ برسات جي صورت ۾ پاڻي جي زراعت جي شعبي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڻي جي ذخيري جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.موجوده صورتحال ۾ اسٽوريج سسٽم ۾ بهتري جي ضرورت آهي.

پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جي وڌندڙ مسئلي ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي جي حوالي سان ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته پاڻي جي نظام جا ٽي پاسا آھن.پهريون تھ  مينهن ۽ برفباري جي پاڻي کي ندين ۽ دريائن ۾ موڪليو وڃي. هن چيو ته هي پاڻي به ساڳئي طريقي سان زمين هيٺ وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ ۾ زميني پاڻي جي سطح تي نظر وجهون ته اهو 15 سئو ملين ايڪڙ فوٽ تائين آهي، جيڪو هڪ محتاط اندازو آهي، پر اهو پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو آهي. هن چيو ته مسئلي جو حل اهو آهي ته اسان پنهنجن دريائن کي آزاد ڇڏيون ۽ انهن جي چينلن تي رڪاوٽون ٺاهي انهن جو پاڻي ذخيرو نه ڪريون.سندس چوڻ آھي تھ درياءَ آزاديءَ سان وهندا رهندا، ته ملڪ جا وڏا زير زمين پاڻي جا ذخيرا ‘ريچارج’ ٿي ويندا، جيڪي ملڪ جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندا.

ھر مسئلي جو مثبت حل بھ ھوندو آھي.جيڪڏھن ملڪ ۾ موجود سوڪھڙي جي معاملي تي عملي قدم کڻڻ جي لاءِ سنجيدا ڪوشش ڪئي وڃي تھ ان جو ڪافي حد تائين حل ڳولي سگھجي ٿو. رڳو ان جي لاءِ شرط اھو آھي تھ سمورين ايڪائين کي گڏ کڻي ھلڻ جو ارادو ڪجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.