جديد معاشري جو نوجوان ۽ وجودي بحران

تحرير: مصور منگي

وجودي بحران  جو تصور انساني تاريخ لاءِ اڃا تائين ساڳيو ئي آهي، پر جديد دور ۾ ان جو اثر ۽ شدت وڌي آهي. هي بحران انسان جي ذاتي وجود جي معنيٰ، مقصد ۽ حقيقت جي ڳولا سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي فلسفي ۾ "Existential Angst” جي اصطلاح سان بيان ڪيو ويندو آهي. اڄ جو نوجوان نسل، جيڪو ڊجيٽل دور، گلوبلائزيشن، ۽ ثقافتي تبديليءَ جي وچ ۾ ڦاٿو آهي ان لاءِ هي بحران روزمره جي جنگ جو درجو رکي ٿو. تاريخي طور، وجودي سوچ يوناني فلسفين جهڙوڪ سقراط ۽ ايسپ ۾ به موجود هئي پر اڄ هي مسئلو معاشري جي گهڻ پاسائي ساخت ۽ فرد جي تنهائي سبب وڌيڪ پيچيده ٿي پيو آهي. مثال طور، 2023ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيل هڪ رپورٽ موجب، 68 سيڪڙو نوجوان پنهنجي زندگيءَ کي بي مقصد سمجهي رهيا آهن.

 وجودي بحران جا سماجي ۽ نفسياتي سبب:

اڄ جو نوجوان "ڊجيٽل ڄمڻ” (Digital Natives) آهي، جيڪو ٽيڪنالوجي جي بغير زندگيءَ کي زندگي تصور ئي نٿو ڪري. سماجي ميڊيا جي بيحد استعمال، خاص ڪري انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ، نوجوانن جي ذهني صحت تي گهرا اثر وڌا آهن. ٿنڪيڪال يونيورسٽي جي 2022ع جي هڪ تحقيق مطابق، روزانو ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ سماجي ميڊيا استعمال ڪندڙ نوجوان ۾ خوداعتمادي جي سطح 40 سيڪڙي گهٽي آهي. ڀلا ائين ٿي به ڇو رهيو آهي؟ ڇو ته سماجي ميڊيا تي "ڪردارن جو ڪرائو” (Curated Reality) هوندو آهي، جتي ماڻهو پنهنجون بهترين تصويرون ۽ خوشين جي مختلف پاسن کي شو آف ڪرائيندا آهن. نتيجي ۾، نوجوان هن "فڪشن” سان پنهنجي زندگيءَ جو مقابلو ڪندي، پنهنجي وجود کي ناڪام سمجهڻ لڳن ٿا. مثال طور، نوجوان هجڻ ناتي جڏهن مان پاڻ جيڏن دوستن کان پڇندو آهيان ته انهن جا ويچار ڏاڍا ڀيانڪ هوندا آهن، سندن چوڻ موجب ته “هر ڀيري انسٽاگرام، فيس بوڪ، سنيپ چيٽ ٿا کوليون ته لڳي ٿو ته ٻين جي زندگيءَ ۾ مون کان وڌيڪ رنگ ۽ خوشيون آهن. اسين پنهنجا ڪم ۽ سهولتن جي اڻاٺ ڏسي پاڻ کي شرمنده محسوس ڪري رهيا آهيون”.

گلوبل معيشتن ۾ ٿيندڙ تبديليون، خاص ڪري مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جو اچڻ، روزگار جي مارڪيٽ کي غير مستقل بڻائي چڪو آهي. ورلڊ بينڪ جي 2021 جي رپورٽ موجب، سنڌ ۾ 35 سيڪڙو نوجوان بي روزگار آهن، جڏهن ته باقي به گهڻو ڪري فريلانسنگ يا عارضي نوڪرين تي گذر ڪري رهيا آهن. هي "پريڪيريٽ” (غير مستقل) معاشرو، جنهن کي گائٽ اسٽينڊنگ "The Precariat” سڏيو آهي، نوجوان کي مستقبل جي باري ۾ اڻکٽ الجهنن ۾ ڦاسائي ويٺو آهي. هڪ نوجوان، جيڪو ڪمپيوٽر سائنس ۾ گريجوئيٽ آهي، سندس اکين ۾ روشن مستقبل جا خواب آهن پر سندس چوڻ آهي ته چار سال پڙهڻ کان پوءِ به نوڪري نه ملڻ جو خوف آهي. هاڻي لڳي ٿو ته تعبير ڪا به ناهي. سندس خيالُ آهي ته زندگي ڇو، ڇالاءِ ۽ ڇاڪاڻ آهي؟”

سنڌي معاشري ۾ جديديت ۽ روايت جو ٽڪراءُ نوجوان لاءِ هڪ “ڊبل بانڊ” جو مسئلو پيدا ڪري ٿو. هتي نوجوان کي ٻن مختلف ڌارائن مان گذرڻو پوي ٿو: هڪڙو، گهر ۾ والدين جا روايتي اصول (شادي، پيشا، مذهبي عقيدا)، ۽ ٻيو، يونيورسٽيءَ ۽ نوجوانيءَ جي رمزن ۾ سکيل “آزاد خيالي” ۽ ڪيريئر جو دٻاءُ آهي. سنڌ يونيورسٽي جي 2020ع جي تحقيق موجب، 60٪ نوجوانن جو چوڻ هو ته "خاندان جي توقعات ۽ ذاتي چاهت وچ ۾ ڦاسي پيا آهيون.” مثال طور، يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي دلچسپي جيڪڏهن آرٽ ۾ اهي ته سندس پيءُ خواب کيس ڪامياب وڪيل يا انجنيئر ڏسڻ آهي ۽ جيڪڏهن اهو نوجوان پنهنجو رستو چونڊي ٿو، ته خاندان سان سندس لاڳاپا خراب ٿي پون ٿا ۽ نتيجي طور کيس نافرماني جا مهڻا ۽ سڄي عمر ڪامياب نه ٿيڻ جا بي مطلب طعنا پڻ پلئه پون ٿا.

زان پال سارتر جو مشهور قول آهي “وجود جو جوهر، اڳ ٿيندو آهي . ان جو مطلب آهي ته انسان پهرين ڄمي ٿو ۽ پوءِ پنهنجو مقصد خود ٺاهي ٿو. هي نظريو جديد دور جي نوجوان جي زندگيءَ بابت تمام ويجھڙائيءَ وارو آهي، ڇو ته اڄ جو نوجوان رواجن، روايتن ۽ رسمن کان آزاد آهي، پر ساڳئي وقت کيس پنهنجي زندگيءَ جو "ڪوڊ” (Code) لکڻ ۾ مونجھارا پڻ آهن . سارتر جو خيال هو ته “ماڻهو پنهنجي چونڊ جو ذميوار پاڻ آهي”، پر جڏهن نوجوان کي سماجي، اقتصادي ۽ خانداني دٻاءُ هيٺ چونڊ ڪرڻي پوي ٿي ته ان وٽ ذميوارين کان فرار ٿيڻ جو ڏس آخر ڪهڙو آهي.

انهيءَ ڏس ۾ البرٽ ڪاميو جو خيال هو ته زندگيءَ جي ڪا به فطري معنيٰ نه آهي ۽ ان کي بي لغو سمجهڻ کانپوءِ به انسان کي ان سان جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. 2021ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تحقيق موجب، 55 سيڪڙو نوجوان زندگيءَ کي "مقصد” سمجھي رهيا آهن. ڪامو جو چوڻ هو: "زندگيءَ جو حقيقت سان مقابلو ڪرڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته ان کي قبول ڪجي ۽ ان کي جيئڻ لاءِ ڪا معنيٰ ڪو مقصد پيدا ڪجي.”

وڪٽر فرينڪل، جيڪو هولوڪاسٽ کان جي رهزني کان متاثر ٿيو سندس ڪتاب "Man’s Search for Meaning” ۾ لکيو ته: "جڏهن انسان کي زندگيءَ جو مقصد نه ٿو ملي، ته هو وجودي خالي پڻي جو شڪار ٿي ويندو آهي.” فرينڪل جو لوگوٿراپي  جو نظريو پڻ اهو ٻڌائي ٿو ته معنيٰ جي ڳولا ئي انسان کي مشڪلات سان وڙهڻ جي قوت ڏئي ٿي. جديد نوجوان، جيڪو مادي ترقيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي، ان لاءِ هن نظريي تي عمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته اڄوڪو نوجوانن سوشل ميڊيا سميت مصنوعي ذهانت جي ور چڙهي اهڙو ته متاثر ٿي پيو آهي جو اهو خود منڊيءَ جي وکر سميت روبوٽ ٿي پيو آهي.

انهيءَ مسئلي جي تناظر ۾ بهتريءَ ۽ جذبي جي اميد جي ضروت آهي جنهن کي بهتر بڻائڻ لاءِ: موجوده تعليمي نظام ۾ مقصد جي تعليم  کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. فلسفي جي سبجڪٽس، خاص ڪري ايجاديت ۽ لوگوٿراپي، نوجوانن کي پنهنجي وجود کي سمجھڻ ۾ مدد ڏيندي. ڪئليفورنيا يونيورسٽي جي 2020ع جي مطالعي موجب، جن اسڪولن ۾ فلسفو پڙهايو ٿو وڃي، تن ۾ خودڪشي جي شرح 25 سيڪڙو گهٽ آهي. سنڌ ۾ به نصاب ۾ "زندگيءَ سان وابسته هنرن جي مهارتن”  کي شامل ڪيو وڃي، نوجوانن کي تنقيدي سوچ ۽ خودشناسي بابت آگاهي ۽ علم ڏنو وڃي.

خانداني رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، خاندان جي فردن وچ ۾ سنجيده ۽ بي امتياز ڳالهه ٻولهه  "انٽر جنريشنل ڊائلاگ”  شروع ڪيا وڃن. ان کان سواءِ، ڪميونٽي سروس جهڙوڪ صفائي مھم، مفت ٽيوٽرنگ يا عمر رسيده ۽ معزور عضون سان رهندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ نوجوانن ۾ "مقصد جو احساس” پيدا ڪيو وڃي.

حڪومت کي نوجوانن لاءِ مفت ڪائونسلنگ سينٽر ۽ هيلپ لائينون قائم ڪرڻ گهرجن. اين.جي.اوز ۽ ٻين صحت جي ادارن جي ذريعي ٿراپي سيشنس، ميڊيٽيشن ورڪشاپس ۽ سپورٽ گروپس جو اہتمام ڪيو وڃي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو 2022ع جو ڊيٽا ڏيکاري ٿو ته جتي ذهني صحت جون سهولتون مهيا ڪيون ويون، اتي نوجوانن ۾ وجودي بحران ۽ ڳڻتيءَ ۾ 40 سيڪڙو ڪمي محسوس ٿي آهي.

نوجوانن ۾ وجودي بحران ڪنهن “ذھني بيماري” جو نتيجو ناهي، بلڪه هي هڪ سماجي مونجھارو آهي، جنهن ۾ معاشري جون تبديليون، اقتصادي اڻ تڻ ۽ بي ترتيب حالتن جا تجزيا شامل آهن. جيئن ڪاميو چيو هو، “زندگيءَ جو ڪو مقصد ناهي، پر توهان کي ان کي مقصد ڏيڻو آهي” ان مقصد جي ڳولا ۾ نوجوانن کي مدد ڏيڻ لاءِ تعليمي، سماجي ۽ سياسي سطح تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صرف انهي طريقي سان اسين هڪ اهڙي نسل کي وجوديت جي جنگ کان بچائي سگهون ٿا، جيڪو نه رڳو پنهنجي پر پوري معاشري جي ترقيءَ جو استعارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.