صدر آصف زرداري کي سومر تائين گهر منتقل ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) صدر جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري جي صحت بهتر ٿي رهي آهي. کيس اڄ يا سڀاڻي اسپتال مان موڪل ڏئي گهر موڪليو ويندو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين  چيو ته ڪورونا جو گهٽ اثر وارو قسم اڃا تائين پکڙجي رهيو آهي. افواهه نه پکيڙڻ گهرجن، هندستاني ميڊيا اسان جي سوشل ميڊيا کي مين اسٽريم ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو، تنهن ڪري اسان کي محتاط رهڻ گهرجي، صدر بابت مصنوعي ذهانت سان ٺاهيل وڊيوز پکيڙي صحت جون افواهون پکيڙيون ويون. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون مناسب نه آهن. صدر کي هاءِ بلڊ پريشر ۽ ذیابيطس آهي. آصف زرداري جي ملاقاتن تي پابندي آهي، صرف ڊاڪٽرن کي انهن تائين رسائي آهي، ماهر ڊاڪٽرن جو هڪ پينل آصف زرداري جي صحت جي نگراني ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.