مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ڪئنال سمورا نامنظور، ٿر سجاڳ سٿ پاران مٺي جي گڍي ڀٽ کان ڪشمير چوڪ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وفاق کان ڪئنال واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٿر سجاڳ سٿ جي سڏ تي ارباب عمران، سالم سميجو، ڏيوجي ڀيل، ارشاد ڪنڀار، راهول ديو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڍي ڀٽ کان ڪشمير چوڪ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ارباب گروپ، جي ڊي اي، ايس ٽي پي، ڪيو اي ٽي، عوامي تحريڪ، ٿر سٽيزن فورم سميت مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن، وڪيلن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءُ مان وفاق 6 ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ جي سرسبز زمين کي تباھ ڪري چولستان جي زمين آباد ڪئي ٿي وڃي جيڪو منصوبو ناڪام آهي، سنڌ کي اڳ ۾ 1991 واري ٺاھ تحت ارسا به پاڻي نه ٿو ڏي ۽ سنڌ جي پاڻي کي 6 ڪئنالن ذريعي ڏيئي سنڌ کي بنجر بڻايو پيو وڃي جيڪا سازش قبول نه ڪنداسين، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي پهرين ڪئنالن جي منظوري ڏني ۽ هاڻي مڪر ڪري ڪئنالن جي مخالفت ڪري ٿي، پيپلزپارٽي اگر ڪئنالن جي مخالف آهي ته وفاق مان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ۽ ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺرائي، هنن چيو ته سنڌ جو هر ماڻهو ڪئنالن جي معاملي تي سراپا احتجاج بڻيل آهي، تنهن ڪري وفاق کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پوندو سرڪار پنهنجي هوڏ تان لهي وڃن، سنڌو درياءُ تي جيستائين هڪ به سنڌ جو ماڻهو زندھ آهي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين.