اسلام آباد (فخر دراني)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) ۽ ان جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کي وفاقي بجيٽ جي حوالي سان سخت الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. پي پي پي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن بجيٽ ۾ سندن سفارشون شامل نه ڪيون ويون ته پارليامينٽ ۾ بجيٽ جي منظوري لاءِ حمايت نه ڪئي ويندي. اهو الٽيميٽم اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن پي پي پي خاص طور تي سنڌ ۾ شديد عوامي دٻاءَ جو شڪار آهي. پنجاب مان نڪرندڙ چار نهرن جي منصوبن خلاف سنڌ ۾ احتجاج شدت اختيار ڪري چڪو آهي. قومپرست ڌريون صدر آصف علي زرداري تي الزام لڳائي رهيون آهن ته هن پنجاب کي سنڌ جو پاڻي "وڪڻي ڇڏيو” آهي. اهڙن الزامن جي ڪري سنڌ حڪومت پاران پنهنجي عوامي ساک بچائڻ لاءِ نهرن خلاف احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو. ان دوران، صدر زرداري جي بيماري بابت پڻ چيمگونيون هلي رهيون آهن، جتي سنڌي عوام جو خيال آهي ته زرداري تنقيد کان بچڻ لاءِ بيماري جو سهارو وٺي رهيو آهي. هن سڄي پس منظر ۾ بلاول ڀٽو پاران حڪومتي اتحاد تي دٻاءُ وڌائيندي "ٽف ٽائيم” ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پر سوال اٿي رهيو آهي ته ڇا واقعي پي پي پي بجيٽ تي ووٽ نه ڏيندي؟ واضح رهي ته سمورا اهم آئيني عهدا (صدر، چيئرمين سينيٽ وغيره) پي پي پي وٽ آهن، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن ۾ به انهن جو حصو آهي. حڪومتي ذرايع موجب، پي پي پي اهڙا بيان عوامي دٻاءَ گهٽائڻ لاءِ ڏئي رهي آهي، پر قانون سازي جي عمل ۾ اڳڀرائي اڃا تائين پي پي پي ئي ڪري رهي آهي، جنهن سبب حڪومت کي اميد آهي ته بجيٽ منظوريءَ ۾ ڪا رڪاوٽ نه ايندي.