جمڙائو ڪئنال تي ڌرڻو، سنڌ امڙ جي ٿڃ وڪامجي پئي، ميدان ۾ نڪرو: آبادگار

ميرپورخاص(رپورٽ: صالح اوٺو) ميرپورخاص ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ خلاف پراڻي ميرپور لڳ جمڙائو ڪئنال تي سوين آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ميرپورخاص سانگھڙ ۽ کپرو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جنهن ڪري گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن انور مري، عبدالله مري، جاني جوڻيجو، ڪمال مري، جلال مري، آچر مري ۽ ٻين چيو ته نارا ڪئنال کي پڪو ڪرڻ ۽ ڀل صفائي جوڪم مڪمل ٿيڻ بعد نارا ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ بعد اسان کي هڪ ڀيرو به اسان جي حصي جو پاڻي اسان کي فراهم نه ڪيو ويو آهي، ڪڻڪ جو اگھه نه هجڻ ۽ پوکيل فصل سُڪڻ سبب آبادگارن جو وڏو مالي نقصان ٿيو آهي، آبپاشي کاتي وارا رشوت عيوض من پسند آبادگارن جي شاخن کي پاڻي فراهم ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ جون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، فصل تباھ ٿي چڪا آهن، اهڙي صورتحال باوجود پنجاب سنڌو مان 06 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي هوڏ تي قائم آهي، سنڌو تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشن نه ڪنداسين،  هنن سنڌ واسين کي اپيل ڪندي چيو ته سنڌ امڙ سُڪي پئي، سنڌ امڙ جي ٿڃ جو قرض چڪائڻ جو وقت اچي ويو آهي ذات پات مذهب زبان سياست کان بالاتر ٿي سنڌ جا حلالي پٽ سنڌو تي ڌاڙي خلاف ميدان ۾ نڪرن گھرن ويهڻ سان سنڌ جي حقن تي ڌاڙا بند نه ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.