ڪراچي(رپورٽر) طب ۽ نفسيات جي نامياري پروفيسر سيد هارون احمد جي آخري رسمن ۾ ليجنڊ ڊاڪٽر اديب رضوي خاص ڪري شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي پنهنجي ساٿي جي وڇوڙي تي روئي ويٺو، پروفيسر سيد هارون احمد کي ڪالهه ڪراچي جي ڪورنگي قبرستان ۾ چڪرا ڳوٺ لڳ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر هارون جي تدفين ۾ مشهور ڊاڪٽرن، ناميارن سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن، ڊاڪٽر چني لال، ڊاڪٽر اجمل مغل، ڊاڪٽر مرلي ڌر، ڊاڪٽر الطاف هاشمي، ڊاڪٽر ٽيپو سلطان، ڊاڪٽر ساجد سلطان، ڊاڪٽر اقبال آفريدي، اختر حسين ايڊووڪيٽ، ڪامريڊ رمضان ميمڻ، سيد احمد شاهه، ڊاڪٽر ايوب شيخ، صحافي ظفر عباس، فيصل ايڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ ڊاڪٽر هارون کي آلين اکين سان الوداع ڪيو.