لکي غلام شاهه (ن ع آ) لکي غلام شاھ ۾ سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شاهي بازار کان شروع ٿي پريس ڪلب آڏو پهتي. بعد ۾ سکر-شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جسقم اڳواڻ سميع بلالي، عبدالحق سهندڙو، ڪامريڊ رفيق مهر، اطهر شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پنجاب کي غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ڏنا ويندا ۽ سنڌ واسين کي سنڌو جي بچاءَ لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.