راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير جي زير صدارت ٿيندڙ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ دهشت گردي جي خاتمي لاءِ عزم ڪيو ويو آهي. آرمي چيف چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن کي به امن امان ۾ خلل وجهڻ نه ڏينداسين. هن ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته دهشت گردن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڀرپور طاقت استعمال ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ دهشت گردي کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي. بلوچستان ۾ امن جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا، جتي غير ملڪي مدد سان هلندڙ پراڪسيز کي ڪامياب ٿيڻ جي اجازت نٿي ڏني ويندي. هن اجلاس ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته دهشت گردي جي هر صورت کي هر قيمت تي ختم ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ دهشت گردن جي سهولتڪارن ۽ انهن جي حامين کي بي نقاب ڪيو ويندو. هن موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، جڏهن ته فورم ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جي ڪا به جاءِ ناهي. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر قسم جي دهشتگردي کي هر قيمت تي ختم ڪيو ويندو. پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، پرڏيهي سهڪاري قوتن کي بلوچستان ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پراڪسيز ۽ سندن پرڏيهي سهولتڪارن کي وائکو ڪيو ويندو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته سمورا ادارا نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ سهڪار کي يقيني بڻائين، جڏهن ته دهشتگردن جي مالي مدد خلاف سخت قانوني قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪ فوج حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪندي، پاڪستان ۾ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جي ڪا به جاءِ ناهي.