وسيلن ۽ حقن جو تحفظ ناهي، احساس محرومي وڌي پئي: اياز لطيف

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪرپٽ ۽ ڏوھاري ٽولو اقتدار تي مسلط آھي، ملڪ کي سياسي ۽ معاشي دلدل ۾ اڇلايو ويو آھي، سنڌ ۾ لکين عوام رستن تي آھي،  پاڪستان صرف پنجاب ناھي، شھباز شريف سڄي ملڪ جو وزيراعظم آھي، وفاقي حڪومت سنڌ سميت سمورن صوبن جي وسيلن ۽ حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي، جنھنڪري احساس محرومي وڌي آھي،  سنڌو درياھ جي پاڻي تي پھريون حق سنڌ جو آھي، پنجاب، وفاق ۽ پ پ حڪومت پنھنجي اقتداري مفادن لاءِ سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھيا آھن، چولستان سميت 6 ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ ٺاھڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.