ڄامشورو(رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي ڪئنال ٺاھڻ واري منصوبي خلاف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان انڊس ھاءِ وي تي عرفان سومرو ۽ سرتاج نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو آهي، روڊ بلاڪ هجڻ سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياھه تي ٺهندڙ ڇھن ڪئنالن جي سڌي مخالفت ڪيون ٿا، ان سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون وچ اوڀر کي ڏيڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جي پاڻي ۽ زمين تي قبضي کي رد ڪريون ٿا. جڏھن ته پر امن احتجاج ختم ٿيڻ بعد نعريبازي دوران رش ۾ ڦاٿل ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ گاڏين ۾ سوار ماڻهن پاران نعريبازي ڪرڻ تي صورتحال خراب ٿي وئي، ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه مڇريل ماڻهن گاڏين تي لڳل پ پ جي جهنڊن ۽ بينر کي لاهي اڇلائي ڇڏيو، جڏهن ته ڪجهه نوجوانن مسافر گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڏنڊا هڻي ڪجهه گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا.