قمبر (ت ر) قمبر ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف بس اسٽينڊ کان سماجي اڳواڻ سيد اخلاق احمد شاھه جي اڳواڻي ۾ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي، سوين شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا هنيا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مجاهد حسين شاهه،سيد اخلاق احمد شاھ،ڪامريڊ نذير احمد تنيو، سراج الدين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ برابر آهن، پاڻي سنڌ جو جياپو آهي، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر پنجاب اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪري سنڌ سڪائي رهيو آهي، جيڪو سنڌ کي ڪڏھن به قبول نه آهي، ڪئنال ٺاهڻ بند ڪيا وڃن ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.