سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) جمعيت علماءُ اسلام پاران 6 اپريل تي سن آمري پل تي تاريخي ڌرڻو هڻي سنڌوءَ مٿان اڏجندڙ ڇهن ڪئنالن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ جمعيت نوابشاھ ۽ جمعيت ڄامشورو جي اڳواڻن پاران آمري پل جو دورو ڪيو ويو، ان موقعي تي جمعيت جي ترجمان حافظ اسامه سنڌي ميڊيا کي ٻڌايو ته 6 اپريل تي لڳندڙ تاريخي ڌرڻي جي جڳھه جو تعين ڪيو آهي، هزارين ماڻھو گڏ ٿي اعليٰ ايوانن تائين جمعيت جو اهو سگهارو آواز پهچائيندا.
-
لکي غلام شاهه ۾ ڪئنالن خلاف پ پ جي مشعل بردار ريلي
لکي غلام شاهه (ن ع آ) لکي غلام شاھ ۾ پ پ ايم پي اي عارف خان مهر جي اڳواڻي ۾ غيرقانوني ڪئنالن خلاف ٽائون ڪاميٽي آفيس کان لکي بس اسٽينڊ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي عارف مهر چيو ته "سنڌو جياپو آهي، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين”. هن حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته پنهنجي هوڏ تان لهي، ڇو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جو بحران آهي. سندس چوڻ هو ته ڪئنالن جا منصوبا نامنظور آهن ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري سنڌو جو وهڪرو برقرار رکيو وڃي.