هيءَ عيد به ايئن گذري ويندي

تحرير: رياض ابڙو 

دنيا جي مسلمانن جي لاءِ عيدين (معني عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ) (جن کي اسان روضن يا رمضان جي عيد ۽ اضحين جي عيد به چوندا آهيون) عالمي طور تي اهي ڏينهن اسلامي ڪلينڊر جا اهم ترين ڏينهن ليکيا وڃن ٿا، جيڪي لمحا اجتماعي ۽ انفرادي خوشي، خدا جي ذات جي شڪرگذاري ۽ گڏوگڏ هڪ اجتماعي اسلامي ڀائيواري ۽ ڀائيچاري جا موقعا به فراهم ڪن ٿا، جن ۾ غيرمسلم دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿو مسلمان جماعت جي صورت ڪيترا نه يڪجا ۽ هڪ مُٺ آهن، جي اهي ڪجھ ڪن ته دنيا جا نقشا ئي تبديل ٿي وڃن (پر ڪجھ ڪرڻ جي نيت ۾ في الحال ناهن) پر اهي ميڙ وڏو پيغام ضرور آهن. عام طور تي، عيدن جا ڏينهن جشن وارا ڏينهن هجن ٿا، انهن ڏينهن تي سموري خلق نوان ڪپڙا پهري عيد ملهائي ٿي. ان ڏينهن تي گهڻي ڀاڱي مٺاين، ميون سان مهمانن جي خاطرتواضع ڪجي ٿي، ان ڪري ته ان ڏينهن تي مهمانن جي آمد ۽ رفت عام جام هجي ٿي، مٽَ مائٽ، دوست يار، پراوا پنهنجا خاص گهماگهمي ۽ اچ وڃ ۾ پورا هوندا آهن.

موجوده جنگي حالتن ۾ جتي دنيا ۾ ڪيترائي مسلمان ملڪ ۽ قومون بي سبب ڏکن، اجاين آيل مصيبتن جي ور چڙيل آهن ۽ اهي هيل تائين بي مهلي ۽ بي ڏوهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان ڪري ته مسلمان ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ پوئتي پيل آهن، اهي ٻڌي ۾ ناهن، انهن جو ڪو طاقتور بلاڪ يا جٿو ناهي، انهن جي پاڻ ۾ به نه ٿي پئي، جو فرقن جي فرق ۽ تفاوت انهن کي ورهائي ونڊي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هي عيد انهن مظلوم، پيڙهيل قومن جي نالي جن جا ٻار ٻچا، عورتون، پوڙها پَڪا جنگي حالتن ۾ جڪڙيل آهن، جيڪي بي قصور جنگي حالتن جي ڪري بم گولن جوشڪار آهن، انهن جي گهرن تي آمريڪي ڊرون حملا ڪيا پيا وڃن، جيڪي مرد مجاهد اسان جي نظر ۾ هيرا ۽ مرد حُر آهن، جيڪي قومن جي عزت آهن، جيڪي مسلمان دنيا جي لاءِ سپھ سالار آهن، اهي وري مغربي دنيا جي نظر ۾ دهشت گرد آهن، ان ڪري سُڪن جي آڙ ۾ ساوا به سڙي راک ٿي ٿا وڃن، جن جو تدارڪ ناهي، دنيا جي ڪا به عدالت انهن کي انصاف نه ٿي ڏئي سگهي. ”ڊينيل پرل“ (وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽر ڊينئل پرل کي 2002 ۾ ڪراچي ۾ 9/11 حملي جي مبينا ماسٽر مائنڊ خالد شيخ محمد ۽ سندس ساٿين، جن ۾ احمد عمر سعيد شيخ شامل هئا، اغوا ڪيو ۽ قتل ڪيو هيو) ان واحد ماڻهو جو خون ڳاڙهو هيو يا ”رايل بلڊ“ هيو باقي ڪنهن به مسلمان ملڪ جي ماڻهو جو يا خاص فلسطينن جو، ڪشميرين جو، افغاني شهرين جو (سواءِ افغاني طالبان جي جيڪي آمريڪي پَٺو آهي ۽ ڪرايي جا قاتل آهن) خون سفيد آهي، ان ڪري دنيا جي طاقتن کي انهن تي ڪهل نه ٿي اچي، ڇو ته مسلمان هاڻي طاقت ۾ ناهن، اهي ڏينهن اهي شينهن جڏهن هاٿين، گهوڙن ۽ تلوارن جي لشڪر ڪاهي ايندا هيا ته ملڪ ميڙي هليا ويندا هيا، هاڻي ته گهر ويٺي ڊرون حملن ۾ ماريا ٿا وڃن، پوءِ اهي اسلامي سربراھ ڪانفرس جا مهندار ۽ اڳواڻ ڇو نه هجن) بهرحال.

ان ڪري ايڏي وٺ وٺان جي ڪري ۽ رياستي جبر ۽ ڏاڍائي جي ڪري، مغربي راڄ ۽ آمريڪي هٺ ڌرمي جي ڪري دنيا جا خوشحال، اميرترين ۽ غريب ترين ملڪ به ان عيد کي سادگي سان ملهائڻ جا تصور کڻي اچن، اهي ماڻهن کي ديني تعليمات تحت سبق ڏين ته عيد سادگي سان گذاريو، جيڪي سبق وڏي اهميت جا حامل ٿي سگهن ٿا. اها حقيقت مڃڻ گهرجي ته سموري دنيا جا مسلمان ملڪ ۽ خاص ڪري عام خلق پنهنجي پنهنجي رياستن جي نااهلي جي ڪري ۽ ناڪاره، موروثي، مدي خارج سياست جي ڪري ۽ خاص ڪري اهڙين پالسين جي ڪري جن ۾ پنهنجن کي نوازڻ واري سياست ۽ منافقت شامل هجي ٿي، اهي مسلسل عذاب ۽ ڀوڳنائن ۾ آهن. رڳو اسان پنهنجي ملڪ ۾ اک ڦيرائي ڏسون ته ملڪ ٻَريو پيو آهي، هر جاءِ تي مظلوم ۽ محڪوم قومون هٿيارن جي ڇانوَ ۾ ٿيون هلن، حاڪم ٽولا اشارن جي زبان ٿا ڳالهائين، رياست وٽ ٻٽا معيار آهن، انهن وٽ رنگ، نسل، مت ڀيد، فرقاواريت، مذهبي پٺ ڀرائي، سياسي ٻچاپڙائپ جي ڪري، ڪرسي جي مفادن ۽ لوڀ ۽ لالچ جي ڪري وڏا وڏا فرق هجن ٿا.

ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هيل تائين قومون گولين جي نشاني ۽ عتاب هيٺ رهيون آهن، گولين جا منهن انهن مظلوم ۽ محڪوم جي نسلن جي تباهي ۽ بي سبب نسل ڪُشي ڪري رهيا آهن. انهن قومن کان عيد برات وسري وئي آهي، اهي پنهنجن پيارن سان عيدون نه ٿا ملهائي سگهن، اهي پنهنجي پيارن جي لاءِ عيدن جي ڏينهن به پلي ڪارڊ ۽ پمفليٽ کنيئون وڏن وڏن شهري اجتماعن جي آڏو نُماءُ ٿا ڪن ته انهن کي پنهنجا پيارا موٽائي ڏيو ته اهي به انهن سان عيد ڪري سگهن، ۽ اهي اهو به سمجهن ته عيدون جيڪڏهن اجتماعي خوشي آهن ته اهي پنهنجن سان خوشي ملهائي سگهن. ڏسجي ته ڪٿي بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ۽ ٻاهرين ملڪن جي مداخلت جي ڪري عام خلق عذاب ۽ گولين جي خوف هيٺ آهي، ۽ رياست بنا ڪنهن معاشي ۽ معاشرتي بيمارين جي ڪري مورڳو هٿيارن جي زور تي انهن قومن جا آپريشن ويٺي ڪري، ۽ قومن جي تباهي سان گڏ پنهنجي جڙ ۽ پاڙ به ڀُتي ۽ ڪمزور پئي ڪري، جو رياست جي ڀت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي. هتي قومون عيدن تي عذاب ۽ ڀوڳنائن ۾ آهن، ۽  رياست جي مسلسل بي حسي جي ڪري هٿرادو عذاب ويٺون ٿيون سهن. وري ڪي پي ۾ اک کڻي ڏسجي ته ڪو ماڻهو خوش ناهي، هر ماڻهو مرڪزيت جي مڳيءَ مان بيزار لڳو ويٺو آهي، ماڻهن ۾ بغاوت جا عنصر وڌي ويا آهن، ان ڪري ته اتي ماڻهن ۾ مرڪزيت کان نفرت وڌندي پئي وڃي ۽ رياست ڪنَ لاٽار پئي ڪري، جيڪا وڏي تباهي جا آثار کڻي ايندي.

هن عيدن تي اجتماعي ۽ انفرادي خوشي انهن قومن جي به ماپي ڏسجي جيڪي بک، بدحالي، بي روزگاري، بدامني، رياستي جبر، بيڪار سياست، ٻاهرين ملڪن جي بي سبب مداخلت، ڊرون حملن جي ڪري ۽ پنهنجن پيارن جي گمشدين جي ڪري هڪ لاڳاتار عذاب ۾ آهي، جنهن جو هٿيارن سان آپريشن ڪو حل يا مستقل دوا ناهي، ان ڪري ته هڪ مرض جا گهڻا آپريشن نه ٿا ڪري سگهجن يا آخر ڪيستائين؟ پر عذاب اهو به آهي ته اسان وٽ سياست رڳو پنجاب سينٽرڪ معني پنجاب مائل آهي ۽ هر شيءِ پنجاب کي ڏسي ڪئي پئي وڃي، پوءِ اهي ڪينال هجن يا گيس، بجلي جا پروجيڪٽ هجن يا شهري ترقياتي منصوبا هجن، ڇو ته ٻيا صوبا ڪمائن ئي رڳو پنجاب جي ڪري ٿا ۽ رياست ٽيڪس جي صورت سمورو پيسو اسلام آباد جي بهاني هڙپي کائي ڳڙڪائي هليو ٿو وڃي، جنهن جو تدارڪ ناهي ۽ ٻين صوبن جو ڪو والي وارث ناهي، ڪو دانهن ڪُوڪ ئي نه ٿو ٻُڌي، دنيا جي طاقتور قوتن ۽ ڌرين جا ڪَنَ، اکيون ۽ چَپَ سبيل آهن، ان ڪري غريب قومن جي هر عيد به دردن ۽ سورن ۾ گذري ٽپي هلي ٿي وڃي.

ٻين جي مدد ڪرڻ جو درس بابت رسول الله ﷺ فرمايو ته ”مسلمانن جو مثال هڪ جسم وانگر آهي، جيڪڏهن جسم جو ڪو به حصو سور ۾ هوندو، ته سڄو جسم ان کي محسوس ڪندو“ (مسلم). ان مان واضع ٿئي ٿو ته عيد جي موقعي تي اسان کي ٻين مسلمانن جي تڪليفن کي وسارڻ نه گهرجي. ان ڪري عيدن کي سادگي سان ملهاڻ جا عملي طريقا اهي به آهن ته فضول خرچي کان پاسو ڪجي، مهانگا ڪپڙا ۽ غيرضروري شاپنگ بدران سادگي واري لباس کي ترجيح ڏجي. غيرضروري مهمانن جي دعوتن ۽ وڏن خرچن بدران غريبن ۽ ضرورتمندن کي صدقو ڏجي، مستحقن جي مدد ڪرڻ گهرجي، عيد جي موقعي تي زڪوات ۽ صدقي جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪيو وڃي. عيد تي يتيم، بيواهن، مسڪينن ۽ جنگ زدگان جي مدد ڪئي وڃي، حقيقت ۾ اسلامي روايتن تي عمل ڪري معاشري ۾ اعلي مثال قائم ڪري سگهجن ٿا، جيئن عيد نماز پڙهي پنهنجي ذاتي خواهشن تي نه پر اجتماعي خوشحالي تي ڌيان ڏجي، اجتماعي دعوتن بدران گهروارن سان گڏ سادگي سان عيد ملهائجي.

اسان وٽ عيد جون خوشيون ته چولستان جهڙن ڪينالن ۾ وهي هليون ٿيون وڃن جو اوترو پاڻي خريف جا فصل به نه ٿا پيئن جيترو پاڻي پنجابي ربيع جي مند ۾ ڪينالن ۾ وهائي ٿا ڇڏين، جو ڏسي آنڊا سڙي ٿا وڃن ته جتي اسان جي درياءَ ۽ ڪينالن مان ڌوڙ ٿي اڏامي، جٿي زمين سُڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي پر ڊيم پنهنجي ذخيري مان پنجاب جي نوان ۽ پراڻن ڪينالن کي پاڻي پورو ڪري ٿو ڏئي، ان جو مطلب ته گليشير ته پگهرجن پيا پر پنجاب لابي پڇڙيءَ کي پاڻي نه ڏئي اتان جي هارين جا پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، جيڪي بغاوت جي صورت ۾ رياست جي صحت لاءِ ڪارگر ثابت نه ٿيندا، جنهن جي لاءِ عالمي طاقتن کي وچ ۾ اچڻو پوندو ۽ معاهدن جي ڀڄڪڙي کان انهن سڀني رياستي طاقتن کي پري رکڻو پوندو نه ته خوشي ۽ خريد ماڻهن کان وسري ويندي، جو جن ماڻهن جو معاش جو ذريعو هجي ئي پاڻي (سنڌو) ته اهي پوءِ ڪاڏي ويندا، ان جو مطلب ته پاڻي زندگي جي هجڻ جو اهڃاڻ آهي، جنهن سان پوءِ سڀ ڪاروبار ۽ عيدون به ڳنڍي سگهجن ٿيون، جو ڪجھ هوندو ته پوءِ عيد ئي عيد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.