رمضان واري عيد جو فلسفو

تحرير; مجيد نواز مغل

رمضان المبارڪ جو مھينو ھر مسمان لاءِ فضيلت ۽ برڪتن جو مھينو ليکيو وڃي ٿو ـ ھن مھيني دوران ھر بالغ مسلمان تي 30 ئي روزا فرض ڪيا ويا آھن ۔ جنھن ۾ جسم سان گڏوگڏ انسان جي ھر فعل ۽ عمل جو روزو ٿئي ٿو  يعني روزي ۾ ڪوڙ ناھي ڳالھائڻو، ڪنھن جي غيبت ناھي ڪرڻي، ڪنھن سان بي ايماني ناھي ڪرڻي، ڪنھن سان ڌوکي بازي ناھي ڪرڻي، ڪنھن جي امانت ۾ خيانت ناھي ڪرڻي، ھر ڏينھن رب جي عبادت ڪرڻي آھي، خيرات زڪوات ادا ڪرڻي آھي، ايمانداريءَ سان پنھنجا فرض ادا ڪرڻا آھن، سچايئي سان ھر ڪم ڪرڻو آھي ـ ان سڀ ڪجھه ھجڻ باوجود اسان ڪيتررون بي ايمانيون ڪريون ٿا ڪوڙ ڳالھايون ٿا ـ ڪيترا دوکا ڏيون ٿا ـ

روزو ڪنھن فاقي جو نالو ناھي بلڪي رب جي انھيءَ عبادت ذريعي سمورن غريبن ۽ پنھنجي ماتحت مجبورن جي مجبورين کي دل ۽ دماغ  سان سمجھڻ جو نالو آھي ـ جنھن جي ذريعي ھر انسان جي مدد ڪرڻ ۽ ھر غريب جي سچائي سان ڪم اچڻ جو نالو آھي ـ جيڪو سبق مسلمانن کي انھن جي نبي صلعم ۽ مقدس ڪتاب قرآن مجيد سمجھايو ۽ ڏنو آھي ـ

انھيءَ رمضان واري عيد جو بنيادي فلسفو به اھو آھي ته انھيءَ خوشي جي ڏينھن جڏھن ھر ٻار ۽ وڏا نوان نوان ڪپڙا پايئيندا آھن ۽ معياري قسم جا ۽ عمدھ کاڌا کايئيندا آھن ۔  ان موقعي تي پورھيت ۽ ھيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻھو ۽ ٻار انھن خوشين کان محروم رھجي وڃن ٿا ـ ھن مھانگائي جي زماني ۾ کين نوان نوان ڪپڙا ۽ جوتا خريد ڪرڻ لاءِ پيئسا ناھن ھوندا ـ انھن وٽ سٺا کاڌا تيار ڪرڻ لاءِ رقم ناھي ھوندي جن جي مدد ڪرڻ اسان ھر ھڪ تي لازمي فرض آھي ـ جڏھن ھر طرف خوشين جو سمان ھوندو آھي، ھر ھڪ گھمندي ڦرندي خوش خوش نظر ايندو آھي ـ اھڙي موقعي تي جيڪي ٻار ۽ جوان انھن خوشين کان رڳو ان ڪري رھجيو وڃن ٿا ته کين گھٽ آمدني سبب  نوان ڪپڙا جوتا خريدڻ يا طعام پچائڻ لاءِ ڏوڪڙ ناھن ـ اھڙي حالتن ۾ وس وارن ۽ سرندي وارن کي پنھنجي پاڙيسرين ۽ شھر واسين يا ڳوٺن ۾ رھندڙن جي جوڳي مدد ڪرڻ کپي ـ ڇاڪاڻ ته رمضان اسان کي صبر ۽ بردباري جو درس ڏيئي ٿو ـ اسان کي قرباني ڏيڻ ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جو سبق ڏيئي ٿو ـ

سنڌ جا ماڻھو ھن عيد تي وڏي ڏکي حالتن ۾ آھن ـ سنڌو دريا مان زوري 6 نوان ڪيئنال ڪڍڻ جو خلاف احتجاجي تحريڪ پنھنجي اوج تي آھي ـ سنڌ جون سڀيئي سياسي سماجي ڌريون سول سوسائٽي شاگرد وڪيل اديب پورھيت ۽ ھاري انھيء تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺي پنھنجي اجتماعي وجود جي بقا خاطر عملي ميدان ۾ لٿل آھن ـ اھڙي حالتن ۾ سنڌ جو ماڻھو رمضان واري عيد نھايت بدحالي ۾ گذاريندو ـ ان موقعي تي ھر ساڃان وند کي کپي ته ھو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي نجات لاءِ پنھنجو جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ عملي ميدان ۾ ثابت قدم رھي ـ ان کان سواء پاڻ کان غريبن جي جوڳي مدد ڪري ـ اھو يئي ھن عيد جو فلسفو آھي ۽ ھن عيد کي ملھايئڻ جو مقصد ـ

ان لاءِ اھو ضروري آھي ته اسان بردباري ۽ صبر مان ڪم وٺون ته جييئن نتيجا سنڌ واسين لاءِ مثبت نڪرن ۽ امن امان جو ھڪ دور شروع ٿيئي سگھي ـ جنھن ۾ ھر ھڪ کي بنا جنس مذھب زبان قوم ۽ ذات جي فرق جي پنھنجي پنھنجي زندگي گذارڻ جو حق حاصل ٿيئي ـ رڳو انسانيت جي بنياد تي ھر معاملي کي پرکيو وڃي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.