حيدرآباد ۾ زال کي وٺڻ ويل شخص کي سالي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد ۾ زال کي وٺڻ لاءِ آيل همراهه کي سالي ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو. قاسم آباد جي وقار ٽائون واري علائقي ۾ نياز علي جمالي پنهنجي زال کي ساهرن جي گهران وٺڻ لاءِ آيو، جنهن دوران هن جو سالن ۽ ٻين سان ڪنهن ڳالھه تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران سالي شير محمد عرف شيرو لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول آندو پئي ويو، انهي دوران نياز علي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران سندس موت جي تصديق ڪئي وئي، جنھن بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ مردہ خاني منتقل ڪيو ويو. جتي مقتول جو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي واقعي جو ڪيس ڪيو پيو وڃي، واقعي ۾ ملوث جوابدار شيرو فرار ٿي ويو آهي، پوليس موجب مقتول نياز علي ۽ جوابدار شير محمد عرف شيرو پاڻ ۾ سئوٽ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.