لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان لاڙڪاڻي شهر جي رائل روڊ تي واقع مک هندو ڌرم شالا پهچي ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيڻ بعد قتل ٿي ويل واپاري سنجي ڪمار جي وارثن پٽ آريان ڪمار، گهرواري خوشدامن سميت هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لعل، وائيس چيئرمين جئي راج، مکي نول راءِ ۽ ٻين سان تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار ڪيو ، جڏهن ته پ پ پ چيئرمين ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان رونق آهوجه سان ملاقات ڪندي هندو برادري سان اظهار يڪجهتي پڻ ڪئي. ان موقعي پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.