ڪراچي( رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ ڀرسان لڳل باهه تي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود به ضابطو ناهي آندو ويو، فائر برگيڊ جون 7 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ ڀرسان لڳل باهه 10 ڪلاڪن کانپوءِ به ضابطي ۾ نه اچي سگهي، 7 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، شروعاتي طور تي فائر برگيڊ عملدارن جو چوڻ هو ته باهه گئس لائين ۾ لڳي آهي، باهه ٽئين درجي جي آهي، باهه وسائڻ لاءِ سڄي شهر مان فائر برگيڊ کي طلب ڪيو ويو، باهه جي شدت وڌيڪ هجڻ سبب فوم جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بعد ۾ انڪشاف ٿيو ته باهه 1800 فوٽ اونهي بورنگ ۾ لڳي جيڪا تازو ئي سوسائٽي اندر ڪئي وئي هئي، هاڻ اختياريون بورنگ ۾ مٽي وجهي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، فائر آفيسر محمد ظفر جو چوڻ آهي ته باهه پراسرار آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته لائن ڇا جي آهي، باهه تي پاڻي اڇلايو پيو وڃي پر اها واپس هلي رهي آهي، هن چيو ته جنهن کڏ مان باهه نڪري رهي آهي ان کي مٽي وجهي پورڻ جي ضرورت آهي، ڊمپر يا هيلي ڪاپٽر ذريعي مٽي اڇلائڻ جي ضرورت آهي،باهه جا شولا ڊفينس فيز 8 سميت مختلف علائقن مان ڏسي سگهجن ٿا، هوڏانهن گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي سان فون تي رابطو ڪري ڪورنگي ڪراسنگ ۾ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر جي فوري فراهمي کي ممڪن بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سوئي سدرن گيس جي ترجمان واضح ڪيو ته سوئي سدرن وٽ ان علائقي ۾ ڪا به ملڪيت ناهي، اطلاع ملندي ئي ٽيڪنيڪل ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون هيون. ترجمان جو چوڻ هو ته ٽيم تصديق ڪئي ته باهه ڀرسان سوئي سدرن پائيپ لائين نه هئي .