مستونگ (م ڊ) ر بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ سمي دين بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ مستونگ ڀرسان اختر مينگل جي اڳواڻي ۾ هنيل ڌرڻي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، سردار اختر مينگل سميت پارٽي جي سموري قيادت محفوظ رهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڌماڪي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته آپگهاتي حملي ۾ ڪو به جاني نقصان ٿيو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر مستونگ ذوهيب قبزئي موجب، حملي ۾ پنج کان ڇهه ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آهن، اختيارين موجب، بلوچستان حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي ۽ انڪوائري جي نتيجن بابت عوام کي جلد آگاهه ڪيو ويندو، ڌماڪي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، اسان کي ڪنهن به تنظيم کان ڪو خطرو ڪونهي، پر رياست مان خطرو آهي، هن الزام هنيو ته گذريل رات ڌرڻي تي بڪتربند گاڏي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن تي شيلنگ پڻ ڪئي وئي، هن چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي، پر اسان جو احتجاج پُرامن طور جاري رهندو ۽ جيڪڏهن حالتون خراب ٿينديون ته ذميوار حڪومت هوندي، اختر مينگل چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته يڪجهتي ڪميٽي جي عورت اڳواڻن کي آزاد ڪريو ته ڌرڻو ختم ڪنداسين، عورتن جي بدلي ۾ اسين گرفتاري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ٻئي پاسي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ٻڌايو ته بي اين پي قيادت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ سرڪاري وفد جي سردار اختر مينگل سان ملاقات تي به اتفاق ٿيو آهي، سندس چوڻ هو ته حڪومت بي اين پي قيادت ۽ عوام جي حفاظت جي ذميوار آهي، اسان سڀني مان سهڪار جي اميد رکون ٿا ته ڳالهين ذريعي صورتحال کي بهتر بڻائجي، واضح رهي ته ماهه رنگ بلوچ ۽ سمي بلوچ سميت عورت ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف بي اين پي طرفان ڪوئٽا ڪراچي هاءِ وي ۽ ڪوئٽا تفتان هاءِ وي وٽ ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ بي اين پي اڳواڻن سميت مختلف سياسي ۽ قبائلي شخصيتون شامل آهن، ڪوئيٽا لاءِ نڪتل لانگ مارچ گذريل ڏينهن خضدار ضلعي جي وڍ علائقي مان سردار اختر مينگل جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ڪيو ويو هو، پر انتظاميا طرفان لڪ پاس ٽنل ۽ ٻين رستن کي بند ڪرڻ سبب ان جاءِ تي عارضي طور ڌرڻو هنيو ويو آهي، بي اين پي جي دعويٰ آهي ته پوليس گذريل رات لڪ پاس ٽنل تي 250 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، لٺبازي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي آهن، جڏهن حڪومت هن وقت تائين ڪنهن به گرفتاريءَ جي تصديق نه ڪئي آهي. اختر مينگل چيو ته لڪ پاس وٽ ڪنٽينر هڻي اسان جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي، پر اسين اڳتي وڌنداسين پوءِ ڀلي اسان کي هڪ ٻي سرنگهه ڇو نه کوٽڻي پوي، اسان کي ڪابه طاقت ۽ جبر روڪي نه ٿو سگهي.