حيدرآباد ( پريس ريليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراھ اختر مينگل جي لانگ مارچ واري قافلي ۾ ٿيل بم حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪي حڪمران مسئلن کي درست ۽ حقيقي رک سان ڏسڻ ۽ انھن جو حل ڪڍڻ بجاءِ ان مسئلن لاءِ اٿندڙ آوازن ۽ ھلندڙ پرامن جدوجھد کي غير جمھوري طريقن ۽ طاقت سان ڪچلڻ چاھين ٿا جنهن سبب ملڪ انارڪي ۽ گھرو ويڙھ طرف وڌي رهيو آهي، ملڪ اندر خصوصن بلوچستان ۾ جمھوري ۽ عوام جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ قوتن کي پاسيرو رکي بلوچستان ۾ ھلندڙ صورتحال کي ختم ڪري نٿو سگهجي، سردار اختر مينگل بلوچستان ۾ جمھوري طريقي سان مسئلن کي کڻي روڊن تي احتجاج ڪندڙ جدوجھد ڪندڙ عوام خصوصن عورتن کي قيد ڪرڻ احتجاجن تي فائرنگ ڪرڻ آنسون گيس ۽ لاٺي چارج ڪري عوامي احتجاجن کي ڪچلڻ جھڙن حڪومتي ھٿ ڪنڍن خلاف ۽ گرفتار ڪيل ماھرنگ بلوچ سميت قيدين جي آزادي جي گھر کڻي لانگ مارچ ڪري رھيو ھو ته اھڙي واقعي ذريعي جيڪو جنھن بھ طرف کان ڪيو ويو ھجي اھو مسئلن کي وڌيڪَ منجھائڻ ۽ اڳئي خراب ڪيل حالتن کي خراب ڪرڻ آھي، اسين سمجھون ٿا ته حڪمران طبقن کي پنھنجي قدمن تي ٻيھر غور ڪرڻ گھرجي جمھوري قوتن جي آواز کي ٻڌڻ گھرجي، ڊاڪٽر قادر مگسي واقعي جي مذمت ڪندي ان جي عدالتي تحقيقات ڪرائڻ جي گھر ڪندي اصل حقيقتون عوام اڳيان آڻڻ ۽ سردار اختر مينگل جي گھرجن جي حمايت ڪندي انھن جي پورائي جي گھر ڪئي آهي
-
سڄو ملڪ ڪنٽينرستان بڻيل آهي، سياست نه پيا ڪري سگهون: شيخ وقاص اڪرم
پشاور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو ته اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، هاڻي اسان کي سياسي سرگرمين جي اجازت ناهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي عوام احتجاج ڪيو، اڳوڻي چيف جسٽس اسان کان نشان کسي ورتو، ڪي پي ۾ سينيٽ جي جي چونڊن تي اڃا تائين اڳڀرائي ناهي ٿي. هن چيو ته عدالتي حڪمن تي اڊيالا جيل عملدار عمل نه پيا ڪن، هن صوبي کانسواءِ سڄو ملڪ اسان لاءِ ڪنٽينرستان بڻيل آهي، اسان اٽڪ پل پار نٿا ڪري سگهون.