ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه سردار اختر مينگل جي لانگ مارچ تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته لڪ پاس وٽ بي اين پي سربراهه تي ٿيل آپگهاتي حملو ڳڻتي جوڳو آهي. هن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي کي هدايت ڪئي ته حملي جي منصوباسازن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.