ميانمار ۾ زلزلي سبب تباهي، 144 فوت، سوين زخمي ۽ گم

برما/ بئنڪاڪ (م ڊ) ميانمار ۾ زلزلي تباهي مچائي آهي، زلزلي جا جھٽڪا ٿائيلينڊ، بنگلاديش، ڀارت، لائوس ۽ چين ۾ به محسوس ڪيا ويا، 7 ڏهائي 7 شدت جي زلزلي سبب ميانمار ۽ بينڪاڪ ۾ عمارتون ڪِرڻ سبب 144 شهرين جي فوت ٿيڻ ۽ 700 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، جڏهن ته سوين ماڻهو گم آهن، جنهنڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، پرڏيهي اداري رائٽرز مطابق، زلزلي جو مرڪز ميانمار جي شهر سيگناگ ۾ 10 ڪلوميٽر زير زمين هو، زلزلي کانپوءِ 6.4 شدت جو آفٽر شاڪ پڻ آيو، جڏهن ته وقفي وقفي سان آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي، ميانمار جي سرڪاري ٽيلي ويزن ايم آر ٽي وي تي ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي ٻڌايو ويو آهي ته زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 144 ماڻهو فوت ۽ 732 زخمي ٿيا آهن، بينڪاڪ ۾ ماڻهو خوف ۽ هراس جي عالم ۾ روڊن تي نڪري آيا، جن ۾ اڪثريت هوٽلن ۾ ترسيل مهمانن جي آهي، جن کي وهنجڻ ۽ ترڻ وارا ڪپڙا پاتل هئا، وڏي پئماني تي تباهي سبب ميانمار جي فوجي قيادت پاران بين الاقوامي امداد جي هڪ غيرمعمولي درخواست ڪئي وئي آهي، سڀ کان وڌيڪ متاثر 6 علائقن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.