حيدرآباد(رپورٽر) ايس ٽي پي پاران ڪئنالن جي منصوبن جي خاتمي لاءِ 10 اپريل 2025ع کان 5 مئي تائين سنڌ جي ھر ضلعي ۾ مک روڊن تي ھڪ ھڪ ڏينھن جا وڏا عوامي احتجاجي ڌرڻا هڻي اچ وڄ جا مک روڊ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل شيڊول ۾ چيو ويو آھي ته 10 اپريل تي ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾11 اپريل تي، ضلعي جيڪب آباد 12 اپريل تي، گھوٽڪي 13 تي ضلعي ملير ۾ ڪراچي، ٺٽو روڊ کي ڌرڻو هڻي بند ڪيو ويندو. 14 اپريل تي نواب شاھ، قاضي احمد ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيوض ويندو، 15 اپريل تي بدين، 16 اپريل، دادو 17 اپريل تي، ضلع سجاول ،18 اپريل تي لاڙڪاڻو ، 19 اپريل ،تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ، 20 اپريل تي سانگهڙ 21 اپريل تي ڪراچي ڊويزن، سپرھاء وي تي ڌرڻو ھنيون ويندو، 22 اپريل، تي عمرڪوٽ ،23 اپريل تي، قمبر شھدادڪوٽ، 24 اپريل تي ميرپورخاص 25 تي مٽياري نيشنل ھاءِ وي،۽26 تي مٺي ٿرپارڪر،27 تي شڪارپور، 28 تي سکر، تي ڄامشورو، 30 تي، خيرپور نيشنل ھاءِ وي، 1 مئي تي پورھيتن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاجي ڏينهن طور ملهايو ويندو، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون، 2 مئي تي نوشهروفيروز، 3 مئي تي ٽنڊو الهيار، 4 تي ٺٽو حيدرآباد ٺٽو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو.