ڪراچي / حيدرآباد / سکر (نمائندا) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف سنڌ واسي لاڳيتو روڊن تي آهن، سنڌ جي جهر جهنگ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، سکر ۾ سيڊ اينڊ پيسٽي سائيڊ ايسوسيئيشن پاران روهڙي کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي اي ڊي بابو ڪانڌڙو، عمران، عبدالمجيد، منظور حسين، محمد قاسم، غلام شبير، محمد ايوب، عبدالڪريم ۽ ٻين ڪئي، وارھ ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي جمعي نماز بعد هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مولوي قاسم مجلسي، سيد عاشق شاھه، نياز حيدري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، مانجهند ڀرسان ڳوٺ خاصائي ۾ ايس يو پي طرفان ڳوٺ کان ريلي ڪڍي انڊس ھاءِ وي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي خدا بخش ٿيٻو، محمد عمر ابڙو، لطيف پنھور، محمد صديق ساند، دين محمد، زبير ونڊيار خطاب ڪيو، نوشهروفيروز ۾ جسقم ڪارڪنن پبلڪ پارڪ کان ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي ٺاروشاھه چوڪ تي ڌرڻو ھنيو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي بشير شر، فيصل مستوئي، ھارون ڪلھوڙو، عطا شر شيراز ڏيٿو، عزيز ڀنگوار، صوفي خالد چنا، ڪامريڊ فريع، ڪامريڊ زينب پيرزادو ۽ ٻين خطاب ڪيو، نصير آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي خزانچي شوڪت تنيو، اسد سنڌي، ايڊووڪيٽ مير کوسو، شبير جتوئي، عنايت تنيو، ضمير مغيري، سرتاج چانڊيو، سومر چانڊيو، اڪبر شيخ، ضمير سيال ۽ علي گوهر جتوئي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ڳوٺ حمزو ڀٽي کان نصير آباد تائين 8 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته چور ۽ ڪرپٽ حڪمران پاڪستان کي ڪمزور ڪري رھيا آھن، جنھن وقت ملڪ سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آھي، ان وقت سنڌو درياھ تي حملي آور ٿي سنڌ جي ماڻھن کي به رستن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، سنڌو درياھ تي ھرگز ڌاڙو برداشت نه ڪيو ويندو. هوڏانهن ٽنڊوڄام ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلع حيدرآباد جي صدر جان محمد جوڻيجو ٽائون ٽنڊوڄام صدر ممتاز سراز، اياز گاڏھي، شاھنواز جمالي، منٺار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ٽنڊوڄام ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي ريلي ايگريڪلچر ورڪشاپ کان نڪتي جيڪا حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تان ٿيندي پريس ڪلب ٽنڊوڄام پهتي، ڄامشورو ۾ سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف يوم القدس مرڪزي سڏ تي سيد تاج علي شاھ شعيب علي شجاعي حاڪم علي عارفين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي