ڪوٽڙي(ن ع آ) ڪوٽڙيءَ جي شاهي بازار ۾ چور سوناري حاجي جعفر ميمڻ جي دڪان جا تالا ٽوڙي سونا زيور ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا، متاثر سوناري جو چوڻ آهي ته چور رات جو دڪان جا تالا ٽوڙي ٽجوڙي چوري ڪري ويا، جنهن ۾ روڪ رقم ۽ سونا زيور رکيل هئا، جن جي ماليت اٽڪل 2 ڪروڙ رپيا آهن، هن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي، جوابدار گرفتار ڪري چوري ٿيل رقم ۽ زيور واپس ڪرايا وڃن.