ڪراچي(رپورٽر)سٽي ڪورٽ جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر يسري اشفاق جي عدالت ۾ صحافي فرحان ملڪ کي ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت صحافي کي گرفتار ڪرڻ خلاف ضمانت واري داخل درخواست جو فيصلو ٻڌائيندي صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اسان فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چيلئنج ڪنداسين.